خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 5 خارجي مارجي ويا

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 5 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 30 اپريل ۽ پهرين مئي تي خيبر پختونخواهه ۾ ٽي ڪارروائيون ڪيون ويون، جنهن ۾ 5 خارجي مارجي ويا ۽ 2 گرفتار ٿيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ضلعي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس آپريشن ڪيو، جنهن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ خارجي فريد الله سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائين ۾ خارجين وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو.

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو