دادو: بي بي فهميده کي منشيات جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ جو معاملو، پوليس خلاف الزامات
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شھر جي بٺ محلا ۾ گذريل رات سي آءِ اي پوليس انسپيڪٽر سجاد جمالي ۽ اي سيڪشن پوليس انسپيڪٽر نور مصطفي پٺاڻ دادو بار ۽ پيپلز لائير فورم جي ميمبر وڪيل شھمير خان چهواڻ جي ڀيڻ بي بي فهميده زال نور حسين چهواڻ کي 2 ڪلو چرس رکڻ جي مبينا الزام هيٺ گهر مان گرفتار گرفتار ڪري دادو وومن پولیس ٿاڻي تي لاڪپ ڪرڻ بعد دادو اي سيڪشن ٿاڻي تان ننڍي منڇي کي گهرائي گناھ نمبر 123/25 تحت اي ايس آءِ مينر احمد ڏاوچ جي سرڪاري فرياد تي منشيات جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ،
داخل ٿيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي دادو شهر جي لعل هندي واري علائقي ۾ گشت دوران ڏٺوسين ته هڪ عورت جي هٿ ۾ ڪاري رنگ جي ٿيهلي هئي
جنهن اسان کي ڏسڻ شرط تيز هلڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان کي شڪ ٿيو
جنهن کي روڪي چڪاس ڪئي ته سندس هٿ واري ٿيلهي ۾ 2 ڪلو چرس هو جنهن کي گرفتار ڪري دادو ٿاڻي تي کڻي آياسين ته جتي هن پنهنجو نالو فهميده عرف بيبي زال نور چهواڻ ويٺل بٺ محلا دادو جي رهائشي ٻڌايو ، هوڏانهن دادو سي آءِ اي پوليس پاران منشيات جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل بي بي فهميده چهواڻ کي رمانڊ لاءِ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،
جڏهن ته گرفتار ٿيل فهميده چهواڻ جي ضمانت لاءِ وڪيل فهيم گهلو ، ڪوڙا خان ميمڻ ۽ ٻيا پيپلز لائير فورم جا وڪيل عدالت پهتا جتي وڪيلن صحافين کي ٻڌايو ته عدالت ۾ سيڪشن 63 جي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ موجود آهيون ،
دادو سي آءِ اي پوليس بي بي فهميده چهواڻ مٿان داخل ٿيل ايف آءِ آر ڪوڙي آهي، پوليس فهميده کي گهر مان گرفتار ڪيو آهي ۽ پوليس فهميده جي گرفتاري لعل هندي قبرستان مان ڏيکاري آهي ،
عدالت ۾ ثبوت پيش ڪيا آهن، داخل ايف آءِ آر ڪوڙي آهي ، فهميده کي آزاد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست پيش ڪئي آهي ، هوڏانهن گرفتار ٿيل عورت فهميده چهواڻ صحافين کي ٻڌايو ته دادو ايس ايڇ اوز سجاد جمالي، نور مصطفي پٺاڻ ۽ ٻيا پوليس اهلڪار گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ پيل 5 لک روڪ رقم ۽ 2 سونا سيٽ کڻي ويا آهن ۽ مونکي پاتل سوني چين پڻ گم ٿي وئي آهي،
جڏهن ته وڪيل شهمير چهواڻ صحافين کي ٻڌايو ته دادو پوليس منهنجي ڀاڻج رضوان احمد کي پڻ ڀيڻ سميت گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي پوليس ناانصافي ڪري پئي، ٿرڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ دادو جي جج قمبرعلي جمالي جي عدالت وڪيل فهيم گهلو ، ڪوڙا خان ميمڻ پاران سي پي سي 63 تحت درخواست پيش ڪندي عدالت کان استدعا ڪئي ته ڪيس ڪوڙو آهي،
هي ثبوت آهن، وڪيل شهمير چهواڻ جي گرفتار ڪيل ڀيڻ بي بي فهميده کي پي آر بانڊ تي آزاد ڪري ڇڏيو، من گھڙت واقعي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺڻ بعد جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي ڪميٽي کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن ، دادو ڪورٽ ۾ حاضري دوران ڪيس ۾ سرڪاري فريادي منير ڏاوڇ عدالت ۾ پڻ پيش نه ٿيو.
مَي 2, 2025