دادو: سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ملازمن جو احتجاج ۽ مطالبا منظور

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ايمپلائيز يونين جي مرڪزي سڏ تي اڄ 70 ڏينھن به ملازمن پرامن احتجاجي مظاھرو ڪيو،مسلسل احتجاجن جو جنھن جو مئنيجمينٽ ڪاميٽي نوٽيس ورتو،

ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪري ورتا، جڏھن ته سي بي اي جي مرڪزي اڳواڻن سرفراز علي چنا، اعجاز علي چنا، نثار علي خاصخيلي، نياز حسين ڪلھوڙو ۽ ٻين احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو،

 جائز مطالبا منظور ٿيڻ تي ملازمن خوشي جو اظھار ڪيو جڏهن ته دادو پريس ڪلب آڏو ملازمن دھل ۽ شرنائين تي رقص پڻ ڪيو،

ملازمن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پنھنجي اعلي قيادت ۽ دادو جي صحافين جا ٿورائتا آھيون جن اسان سان ھن ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو،

مَي 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو