سڪرنڊ: گل محمد رند رزق حلال ۽ بهتر روزگار جي اهميت تي ڳالهائي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ھمدرد آرگنائيزيشن جي چيئرمين گل محمد رند چيو آهي ته رزق حلال کي شريعت ۾ عين عبادت سڏيو ويو آهي جن به پنهنجي روزيءَ کي حلال طريقي سان ڪمايو اهو ڪڏھن به فاقه ڪشي ۾ مبتلا نه ٿيندو هُو سڪرنڊ ۾ پاڪ وطن پيٽرول پمپ جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪرڻ بعد ڳالهائي رهيو هو
هن چيو ته حلال روزيءَ ۾ برڪٿون پڻ هونديون آهن اسان جي دعا آهي ته پيٽرول پمپ ذريعي مالڪن ۽ مزدورن کي بهتر روزگار فراهم ٿئي افتتاحي تقريب ۾ ھمدرد سپورٽ پروگرام جو چيئرمين قاضي جاويد سنائي پڻ اعزازي مهمان طور شريڪ هو ان موقعي تي پيٽرول پمپ جي مينيجر علي انور رند ۽ اياز حسين رند آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪرڻ بعد کين لنگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا
آخر ۾ قاضي جاويد سنائي رزق حلال جي برڪت لاءِ اجتماعي دعا گهرائي افتتاحي تقريب ۾ نظير حسين رند ، مير حسن رند ، عبالغني راهمون ، ڪامل خان رند ، عبدالغني مگسي ۽ ڌڻي بخش مگسي پڻ شريڪ هئا.
مَي 2, 2025