سڪرنڊ: غلام حيدر سولنگي جي صحافتي ۽ تعليمي خدمتن تي سُرهئي سانجھ ۾ حواڻ
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري غلام حيدر سولنگي سان سندس صحافتي ۽ تعليمي خدمتن تي ساڻس سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ سُرهئي سانجھ ملهائي وئي
ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاھ ، سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر مير محمد ڪيريو ، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي ۽ آئي ٽي ماهر حيدر خانزاده راج ڪماراوڏ سندس زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اميد آهي ته غلام حيدر سولنگي جيئن پنهنجي ڊيوٽي دوران تعليمي خدمت ڪئي
هيئنر صحافتي لڏي ۾ شامل ٿيڻ سان سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ پڻ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪندو ان کان اڳ سرهئي سانجھ جي ميزبان مير جلباڻي آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو
آخر ۾ محفل جي مور غلام حيدر سولنگي ڳالهائيندي چيو ته مان شڪر گذار آهيان سڪرنڊ پريس ڪلب ۽ خاص طور نوجوان صحافي مير جلباڻي جو جنهن محبتي ميڙي مان ڏنو آهي ان شاءالله ڪوشش هوندي ته دوستن جي اعتماد تي پورو لهان ان موقعي تي آيل مهمانن ۽ صحافين پاران غلام حيدر سولنگي کي اجرڪن ۽ هارن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا
سُرهئي سانجھ ۾ رضا محمد سيال ، ولي محمد ڀٽي ، حاجي عبدالله مگسي ، بشير لاشاري ، غلام نبي ملاح ۽ عاقب سيال پڻ موجود هئا آخر ۾ غلام حيدر سولنگي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو .
مَي 2, 2025