سکر: سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ مزدورن جي حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع، مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو ڌاريندي
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)مزدورن جي حقن لاءِ سوئي سدرن گئس ڪمپني سکر ريجنل آفيس ۾ پيپلز ليبر يونين سنڌ بلوچستان جي مرڪزي سڏ تي احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي علامتي بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ ڏنل مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعري بازي ڪئي
ان موقعي تي خطاب ڪندي پيپلز ليبر يونين سي بي اي جي سکر ريجنل سيڪريٽري لا لا سيف الرحمان، خادم حسين شيخ، اشرف ملڪ، علي بخش رڏ، ايوب شر چيو ته سوئي سدرن گئس جي مينيجمينٽ مزدورن جي حقن لاءِ ڏنل چارٽر آف ڊيمانڊ منظور ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي
جنهن سبب محنت ڪشن ۾ سخت مايوسي پکڙجي رهي آهي هن سخت مهانگائي جي دور ۾ مزدورن جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ سميت آرڊيننس ايمپلائيز جي پيفڪسيشن سينارٽي ڏيڻ ، سن ڪوٽا تي عمل ڪرڻ ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جا جائز مطالبا شامل آهن جنهن کي منظور ڪرڻ لاءِ مرڪزي سڏ تي سنڌ بلوچستان جي تمام آفيسن ۾ 2کان 13 مئي تي آفيس ۾ صبح جو ٽوڪن احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي
سوئي گئس جي مئنيجمينٽ جيڪڏهن چارٽر آف ڊمانڊ ۾پيش ڪيل مطالبن کي منظور نه ڪيو ته ڪراچي هيڊ آفيس اڳيان 14 مئي تي پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهي سگهي ٿو.
مَي 2, 2025