سکر: پوليس مقابلن ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، هٿياربند فرار
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايتن تي سماج دشمن عنصرن خلاف ضلعي پوليس جي موثر ڪاررواين دوران پوليس مقابلن ۾ وڌيڪ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس ايڇ او دادلو معمول جي گشت تي هو ته رات دير سان ملا علي لنڪ روڊ تي چئن هٿياربندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو جنهن جي سڃاڻپ امتياز ولد ممتاز چاچڙ گھوٽڪي واسي جي نالي سان ٿي آهي.
جوابدار جي قبضي مان هڪ عدد ٽي ٽي پستول هٿ ڪيو ويو جڏهن ته ٽي جوابدار رات جي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. ٻيو پوليس مقابلو ايئرپورٽ ٿاڻي سکر جي حدن ۾ ٿيو جتي ايس ايڇ او گشت دوران جاڳير موڙ تي پهتو ته اتي ڪنهن واردات جي ارادي سان بيٺل ٽن هٿياربندن پوليس جي ڏسندي مٿن ڇتي فائرنگ ڪئي.
پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ محمد قاسم ولد نور محمد چاچڙ نالي جوابدار ويٺل دڙي چاچڙ گھوٽڪي زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿي ويا جوابدار جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آھن. ٻنهي زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ پوليس جي حراست ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
مَي 2, 2025