سکر : نوجوان وڪيل مبين احمد سولنگي چار ڏينهن کان گم، وارثن پاران چيف جسٽس ۽ ٻين اختيارين کان اپيل

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ ) سکر بيئراج ڪالوني جو رهواسي ۽ سولنگي برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان وڪيل مبين احمد سولنگي گذريل چار ڏينهن کان لاپتا آهي، جنهن سبب سندس گهروارا سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن. مبين احمد سولنگي، جيڪو جونيئر وڪيل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، پنهنجي دوستن سان گڏ مقامي هوٽل تي چانهه پيئڻ ويو هو، جتان واپس نه آيو.

وارثن موجب، جڏهن هو هوٽل تي پهتا ته مبين جي موٽر سائيڪل اتي موجود هئي، پر هو پاڻ گم هو. فوري طور تي واقعي جي رپورٽ لانچ موڙ چوڪي تي داخل ڪئي وئي، پر اڃا تائين سندس ڪا به خبر ناهي پئجي سگهي.

وارثن چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ڊي جي رينجرز کان پرزور اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مبين احمد سولنگي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

سندن چوڻ آهي ته هڪ پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت نوجوان جي اهڙي پراسرار گمشدگي نه رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ سوال آهي، پر عام ماڻهن ۾ به عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي.

مَي 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو