ڀارتي حملي جو امڪان، آزاد ڪشمير ۾ مدرسا بند، سياحن جي اچ وڃ تي پابندي

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي حڪومتي اختيارين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ اسڪول ۽ ڪاليج معمول موجب کليل آهن، جڏهن ته ڀارت طرفان ڪنهن امڪاني حملي جي خدشي تحت ڪجهه مدرسا عارضي طور بند ڪيا ويا آهن ۽ ٻين بابت مشاورت جاري آهي.
حڪومتي ترجمان پير مظهر سعيد شاهه بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته علائقي جا ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڪمن ڪار ۾ مصروف آهن ۽ ڪنهن کي به ڀارت جي اڳرائيءَ جو ڊپ ناهي، پر ان باوجود ماڻهو هر قسم جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار آهن.
هن چيو ته ”ڪجهه مدرسا ڀارت طرفان امڪاني حملي جي خدشي سبب بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين بابت جلد حتمي فيصلو ڪيو ويندو.“
پير مظهر سعيد شاهه موجب، احتياطي طور سياحن کي به ڪجهه ڏينهن لاءِ آزاد ڪشمير اچڻ کان روڪيو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته ”27 ۽ 28 اپريل تي اٽڪل 1250 سياح نيلم ماٿري ۾ داخل ٿيا هئا، جيڪو وڏو انگ آهي ۽ جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهن کي ڪنهن به خطري جو ڊپ ناهي، پر ڀارت جي ڌمڪين کانپوءِ احتياط طور هي قدم کنيو ويو آهي.“
هن واضح ڪيو ته جيڪي سياح اڳ ئي سياحتي ماڳن تي موجود آهن، انهن کي نه پيو ڪڍيو وڃي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ”پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير مڪمل طور تي پرامن آهن،اسان جي طرفان اڳرائي نه ڪئي ويندي، پر جيڪڏهن ڀارت ڪا غلطي ڪئي ته پوءِ ڪشميري عوام ۽ حڪومت پنهنجي دفاعي ادارن سان گڏجي مڪمل طريقي سان پنهنجو دفاع ڪندي.