پي ٽي آءِ 26 نومبر احتجاج، 82 جوابدارن ڏوهه قبولي ورتو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 26 نومبر 2024ع جي پي ٽي آءِ جي احتجاج واري ڪيس ۾ 82 جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف 24 ۽ 26 نومبر 2024ع دوران احتجاج تي 24 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن جي ٻڌڻي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي.
ٻڌڻي دوران 1609 جوابدارن مان 560 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
82 جوابدارن جج جي آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ حلفي بيان جمع ڪرائيندي چيو ته پي ٽي آءِ قيادت کين احتجاج لاءِ ورغلايو هو.
جوابدارن عدالت ۾ بيان ڏنو ته مقامي ۽ مرڪزي قيادت پرتشدد احتجاج جو ٽاسڪ ڏنو هو.
هنن عدالت کان استدعا ڪئي ته هو غريب پورهيت آهن، ان ڪري کين رعايت ڏني وڃي.
جوابدارن عدالت ۾ لکت ۾ بيان پڻ جمع ڪرايو ۽ ڄاڻايو ته هو مستقبل ۾ ڪنهن به احتجاج ۾ حصو نه وٺندا.
عدالت بعد ۾ 82 جوابدارن کي چار، چار مهينا قيد ۽ 15، 15 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

مَي 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو