واهگا رستي 21 پاڪستانين جي ڏيهه واپسي، وڌيڪ 50 ڄڻا ڀارت ۾ ڦاٿل

لاهور / امرتسر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت طرفان ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ اٽاري-واھگا بارڊر تي ڦاٿل اٽڪل 21 پاڪستاني شهري جمعي جي ڏينهن زميني رستي واپس پاڪستان پهچي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اٽاري-واھگا سرحد 30 اپريل تائين کليل رکڻ کانپوءِ خميس تي بند ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، لڳ ڀڳ 70 پاڪستاني شهري خميس جي ڏينهن سرحد تي ڦاٿل رهيا، ڇو ته سندن ڀارت ڇڏڻ جي ڊيڊ لائين هڪ ڏينهن اڳ ختم ٿي وئي هئي.
ذريعن موجب، جمعي جي ڏينهن منجهند 12 وڳي تائين 21 پاڪستاني شهري پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جيڪي انٽيگريٽيڊ چيڪ پوسٽ ٻاهران روڊن تي ديرا ڄمايون ويٺا هئا.
ان کانسواءِ اڃا به 50 پاڪستاني شهري واھگا بارڊر تي موجود آهن، جن کي ڪسٽمز ۽ اميگريشن اختيارين جي ڪليئرنس کانپوءِ پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني ويندي.
پاڪستان حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ڀارت ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ واھگا بارڊر ذريعي اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي خبرون آهن ته ڪجهه پاڪستاني شهري جن ۾ ٻار به شامل آهن ڀارت واري پاسي اٽاري سرحد تي ڦاٿل آهن.
ترجمان جو چوڻ هو ”اسان ڄاڻون ٿا ته ڪي پاڪستاني شهري اٽاري ۾ ڦاٿل آهن. جيڪڏهن ڀارتي عملدار کين سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏيندا ٿا ته اسان پنهنجي شهرين جي آجيان لاءِ تيار آهيون.“
هن وڌيڪ چيو واھگا بارڊر مستقبل ۾ به پاڪستاني شهرين لاءِ کليل رهندو .
ياد رهي ته 22 اپريل تي ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام ۾ ٿيل هڪ دهشگرد حملي کانپوءِ پاڪستاني شهرين کي ڏنل ويزائون رد ڪري ڇڏيون هيون ۽ کين 30 اپريل تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو.