آرمي چيف عالمي پليٽ فارمن تي ڀارتي چينل ۽ يو آر ايلز بلاڪ ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير بين الاقوامي معاهدن کانسواءِ ڀارتي چينلن۽ يو آر ايلز انٽرنيشنل پليٽ فارمز تي بلاڪ ڪرائي ڇڏيا.
فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت کي هر موقعي ۽ هر محاذ تي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو .
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي لنڪس هڪ ٻئي پٺيان عالمي سطح تي بند ٿينديون پيون وڃن، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پهرئين مرحلي ۾ ئي ڀارتي ويب سائيٽون بلاڪ ڪرائي ڇڏيون هيون.
فيصل واوڊا موجب، جيڪو ڪم ڪو نه ڪري سگهيو اِهو آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪري ڏيکاريو آهي.