دادو ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي احتجاجي ريلي، حڪومتي پاليسين خلاف سخت نعرن
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي تي عوامي ورڪرس پارٽي،باک اسٽڊي سرڪل،طبقاتي جدوجهد پاران شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمينگ، سنڌو درياهه مٿان نوان ڪيئنال ڪڍڻ، نجڪاري، بيروزگاري ۽ مهنگائي خلاف ايس ايس پي چونڪ کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،
ريلي ۾ مختلف مزدور تنظيمن سان گڏ نوجوانن گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي موريل پنھور، الطاف پلھ، اعجاز ٻگھيو، علي ڪورائي، نور محمد سومرو، حنيف مصراڻي، شھباز ، مستوئي، انور پنھور ، راجا رفيق پنهور ۽ ٻين چيو ته حڪمران مسلسل عوام دشمن پاليسيون جوڙي رهيا آهن، اڄ ملڪ جا اهم قومي ادارا ڀڳڙن مٺ وڪڻي رهيا آهن،
ٻئي طرف ملڪ جي مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ڪڻڪ جو اگهه وڌايو وڃي، هارين جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ جي اندر ڪارپوريٽ فارمينگ جي نالي تي زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌو درياهه مان ناجائز ڪيئنال ڪڍيا پيا وڃن، هاڻي سنڌ جو پورهيت طبقو سجاڳ ٿي چڪو آهي آهي سنڌ دشمن منصوبا منسوخ ڪيا وڃن.
مَي 1, 2025