عوامي ورڪرز پارٽي جي مزدور ڏينهن تي ريلي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف نعرا، بي زمين هارين لاءِ زمينن جي واٽ وٺڻ جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) عوامي ورڪرز پارٽي پاران فيض ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن پهرين مئي جي حوالي سان ڪاظمي سينٽر کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جتي احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو

 ان موقعي تي فيض ڪيريو ، خالد سولنگي ، يعقوب چانڊيو ، شوڪت ڀاڻوجو الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي اسان رياستي ادارن کي اهو پڻ چونداسين ته ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڪمپني سرڪار کي ڏنل سرڪاري زمينون فورن رد ڪري سنڌ جي بي زمين هارين  کي ڏنيون وڃن

 هنن چيو ته اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏھن اهي زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڏنيون ويون ته سنڌ جو پيڙهيل طبقو جيڪو پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مهنگائي سبب اڳيئي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي

ان کي ويتر بيروزگار ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هنن وڌيڪ چيو ته مزدورن کي رجسٽرڊ ڪري کين موجوده دور جي حساب سان مزدوري ڏني وڃي مظآھري ۾ ڪينال سمورا نامنظور سنڌوءَ تي ڌاڙو جا نعرا پڻ لڳايا ويا.

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو