ملير ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي انقلابي ڪميونسٽ پارٽي پاران احتجاج، مزدورن ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جي اپيل
ملير (ڊر ) مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي، انقلابي ڪميونسٽ پارٽي پاران دائود چورنگي تائين ريلي ڪڍي ڪارنر جلسي منعقد ڪري شڪاگو
جي شهيد مزدورن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
انقلابي ڪميونسٽ پارٽي پاران منعقد ڪيل ريلي ۾ مزدورن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪارپوريٽ فارمنگ، مزدورن جي حقن جي خلاف ورزي، هارين جي حقن جي خلاف ورزي، نجڪاري، ٺيڪيدار نظام، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ، پاڻي ٽينڪر مافيا ۽ ڊمپر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته
اڄ شڪاگو جي مزدورن جي ياد ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪستان ۾ مزدورن جو استحصال جاري آهي. مزدورن ۽ هارين جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، ڪيترائي اڳواڻ
سرمائيدار ۽ زميندار طبقو مزدورن ۽ هارين جو استحصال ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ مزدورن ۽ هارين کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو. اڳواڻ چيو ته ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. پورهيت طبقي جي ايڪي کان سواءِ حق نه ملي سگهندا
مَي 1, 2025