پيپلز پارٽي جي چيئرمين عبدالرحيم پنھور روڊ حادثي ۾ فوت، علائقي ۾ سوڳ
مٺياڻي (رپورٽ: رانا غلام سرور) پيپلز پارٽي يوسي ٺٽ چئيرمين عبدالرحيم پنھور ۽ سندس رشتيدار اصغر علي پنھور پنھنجي پيٽرول پمپ تان بلوچ ھوٽل ڀرسان پنھنجي بنگلي تي وڃي رھيا ھئا ت تيز رفتار ڪار انھن مٿان چڙھي وئي جنھن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي نواب شاھ ھاسپيٽل کڻي وڃي رھيا ھيا ت عبدالرحيم پنھور زخمن جا سور ن سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو
مرحوم سياسي سماجي شخصيت محمد وارث پنھور جو فرزند ۽ نامياري شخصيت عبدالڪريم پنھور جو ننڍو ڀاءُ ھو مرحوم خوشمجاز طبعيت ۽ يارن جو يار ھو اھڙي خبر پوڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو۽ علائقي ۾سوڳ واري لھر ڇانئجي وئي مرحوم جو تڏو ڪوڙي ڀاڻ لڳ اباڻي ڳوٺ سعيد احمد پنھور ۾ وڇايو ويو آھي
سندس پٽ ڪئناڊا ھئڻ سبب سڀاڻي جمعي ڏينهن صبح جو اباڻي ڳوٺ سعيد احمد پنھور 10 بجہ ادا ڪئي ويندي مرحوم پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ سان ويجھڙائي سبب پريس ڪلب مٺياڻي ٽي ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ تي ڪارو جھنڊو چاڙھي ويو.
مَي 1, 2025