ڪمشنر سکر، ايچ ايس سي 2025 جي امتحانن جي شفافيت لاءِ قلم 144 تحت سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) هايئر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (ايچ ايس سي) جي سالياني امتحان 2025 دوران نقل روڪڻ ۽ شفاف ماحول يقيني بڻائڻ لاءِ سکھر ڊويزن انتظاميا سکھر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي سڀني امتحان مرڪزن تي سخت پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن۔

ڪمشنر سکھر فياض حسين عباسي فوجداري ضابطي ڪار (سي آر پي سي) جي قلم  144 (3) تحت سڀني امتحان مرڪزن کي 5 مئي کان 14 مئي 2025 تائين “محدود علائقا” قرار ڏئي ڇڏيو ۔هدايتن مطابق امتحاني مرڪزن ۾ صرف درست داخلا  ڪارڊ رکندڙ شاگرد ۽ مجاز عملو ئي داخل ٿي سگهندو۔ امتحاني وقتن ۾ موبائيل فون، شاگردياڻين پاران پرس، نقل جو مواد، اليڪٽرانڪ اوزار يا ڪابه غير مجاز شيون کڻي اچڻ  تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ان کان سواءِ، امتحاني مرڪزن جي ويجھو فوٽو اسٽيٽ شاپ  تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي،

ڪمشنر فياض حسين عباسي تعليمي تقدس کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انتظاميا جو عزم آهي ته امتحان “پرامن ۽ شفافيت سان” منعقد ٿين۔ پوليس جي انسپيڪٽر رينڪ يا ان کان مٿانهين آفيسرن کي قلم 188 (پي پي سي) تحت فوري شڪايت داخل ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي۔ جنھن تحت قائدن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي  جرمانو، قيد يا ٻئي سزائون ڏئي سگهجن ٿيون۔

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو