مزدورن جي عظمت کي ڀيٽا، حرا اسپتال کان گهنٽاگهر تائين ريلي، شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ يوم مئي تي جلسو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)پهريون مئي، مزدور ڊِي جي سلسلي ۾ پاڪستان سميت دنيا ۾ به عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.يوم مئي جي موقعي شڪاگو جي شھيدن جي ياد ۾ سکر جي مختلف مزدور ۽ سرڪاري يونينز طرفان حرا اسپتال روڊ کان ريلي ڪڍي گهنٽاگهر چوڪ تي جسلو منعقد ڪيو ويو

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين  سي بي اي جي ميزباني ۾ يوم مزدور ريلي ۾ آل پاڪستان ورڪرز يونين ۔سنڌايريگيشن يونين۔آپڪا۔لوڪل گورنمنٽ يونين۔پيپلز ليبر يونين سوئي سدرن گئس سميت ٻين پورهيت اڳواڻ ۽ ورڪرن جو وڏو انگ شامل هو ريلي بيئراج روڊ کان ٿيندي گهنٽا گهر چوڪ پهتي جتي جلسي کي خطاب ڪندڙ اڳواڻن سيد زاهد شاھ۔خادم حسين کوسو۔علي مردان شيخ۔ خليل الرحمان ڊومڪي، شجاعت گھمرو،نظر ميمڻ۔ جاويد عباسي، عقيـل دايو، اشفاق مهر،ملڪ محمد علي، جاويد رڪ، امجد کوسو، عابد حسين گوپانگ ۽ ٻين مزدورن جي مسئلن، اجرتن ۾ ناانصافي، سوشل سيڪيورٽي، ۽ ڪم جي محفوظ ماحول تي ڳالهائيندي چيو ته اسان شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا

جن جاني قربانيون ڏئي مزدورن جي حقن لاء جدوجهد جي شروعات ڪئي جيڪا جاري آھي۔ پاڪستان جي معيشت ۾ مزدورن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اهي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن ۽ انهن کان سواءِ ترقي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هن وقت ملڪ جي معاشي حالتن سبب مزدور طبقو سخت پريشانين جو شڪار آهي،

جيڪو سندن زندگيءَ کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهيو آهي اڳواڻن چيو ته ايم اين ايز۔سينيٽر۔ايم پي ايز ۽ ٻين سرڪاري عهدا رکندڙن جي پگهارن ۽ مراعاتن ۾ 2سئو سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آھي پر ننڍا ملازم ۽ عام پورهيو ڪندڙ مزدوراڄ به ست سئو ڏهاڙي کان به گهٽ اجرت تي ڪم ڪريٿو ڇا هن موجوده مهانگائي جي دور ۾ گھر جو چلهو ٻاري سگهندو سرڪاري عهدارکندڙ چونڊيل نمائندا غريب آھن

 جو انهن جي پگهارن ۾ ته سوين سيڪڙو واڌ ڪئي وئي پر عام ماڻھون ڪهڙو ڏوھ ڪيو آھي مزدور جي مزدوري ۽ پگهار گهٽ ۾ گھٽ 3000 ڏهاڙي هجڻ گھرجي ته جيئن هو پنهنجي خاندان جي بهتر نموني ڪفالت ڪري سگهي

 اسان يوم مئي جي ڏينهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ٿا ڪريون ته مزدورن جي اجرت ۾ واڌ ڪرڻ سميت سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ۾ به ٻه سئو سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ۽ پورهيتن کي علاج معالجي سميت پوڙهائپ ۾ وظيفو ڏنو وڃي۔

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو