عشق جي انتها تي پهتل دليپ ڪمار، مڌو بالا سان شادي ڇو نه ڪئي؟ اداڪارا ممتاز حقيقت ٻڌائي ڇڏي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪارا ممتاز هڪ انٽرويو دوران پنهنجن ساٿي اداڪارن بابت دلچسپ انڪشاف ڪيا ۽ ڪيترن ئي رازَن تان پردو کنيو آهي.
بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار ۽ حسين اداڪارا مڌو بالا جي محبت جا چرچا سالن کان عام ماڻهوءَ جي زبان تي رهيا آهن.
ان کان اڳ به مڌو بالا جي ڀيڻ جو چوڻ هو ته جي بي آر چوپڙا خلاف داخل ڪيس نه ٿئي ها ته شايد دليپ ڪمار ۽ مڌو بالا جي شادي ٿي وڃي ها.
پر هاڻي ممتاز چيو آهي ته مڌو بالا پاڻ هن سان هڪ اِها ڳالهه ڪئي هئي، جنهن بابت گهڻن ماڻهن کي ڄاڻ نه هئي.
ممتاز انٽرويوءَ دوران ٻڌايو ته دليپ ڪمار، مڌو بالا سان ان ڪري رشتو ختم ڪيو، ڇو ته هوءَ دل جي بيماري سبب ماءُ نه پئي بڻجي سگهي.
ممتاز موجب، جيڪڏهن مڌو بالا ماءُ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ها ته شايد سندس حياتي خطري ۾ پئجي وڃي ها ۽ دليپ ڪمار کي اِها ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن اهو رشتو ختم ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته دليپ ڪمار ۽ مڌو بالا، شاهڪار فلم ”مغلِ اعظم“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي جي ڪيمسٽري اڄ تائين يادگار سمجهي وڃي ٿي.

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو