عامر ۽ وهاب جو رڪارڊ چٽ، شاهين ۽ حارث ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي 19هين ميچ دوران اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف بالنگ ڪندي، لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ۽ فاسٽ بالر حارث رئوف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اهم ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو.
ٻنهي رانديگرن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون 300، 300 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
شاهين آفريدي 216هين ميچ جڏهن ته حارث رئوف 228هين ميچ ۾ ٽي ٽوئنٽي جي 300 وڪيٽن جو سنگ ميل عبور ڪيو.
ان ڪارڪردگي سان شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 300 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ تيز ترين پاڪستاني بالر بڻجي ويو آهي، جڏهن ته حارث رئوف تيز ترين ٽي سئو شڪار مڪمل ڪندڙ ٻيو پاڪستاني بالر بڻيو.
ان کان اڳ محمد عامر ۽ وهاب رياض گڏيل طور تي 256، 256 اننگز ۾ ٽي ٽي سئو وڪيٽون مڪمل ڪري، تيز ترين پاڪستاني بالن جو رڪارڊ قائم ڪيو هو.
ان سان گڏ شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 300 وڪيٽون حاصل ڪندڙ دنيا جو چوٿون تيز ترين بالر به بڻجي ويو آهي.

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو