پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ: سرحدي ڳوٺ خالي ڪرائڻ جا اعلان

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي سرحد سان لڳندڙ علائقا خالي ڪرايا ويا آهن ۽ گزريل رات جو عطا تارڙ پاران پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي ته هندستان ڪنهن به وقت پاڪستان مٿان حملو ڪري سگهي ٿو.36 ڪلاڪ اهم سمجهيا پيا وڃن آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽينشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي سگهي ٿو.ڀارت مسلسل آزاد ڪشمير مٿان حملي جون ڳالهيون ڪندو رهيوآهي.اگر هندستان آزاد ڪشمير تي حملو ڪري ٿو ته هندستان جي آزاد تجزي نگارن مطابق اهو تمام خطرناڪ عمل هوندو.اهو پاڪستان جي استعداد ۽ قوت جا غلط اندازا لڳائي رهيوآهي.پاڪستان کي سفارتي سطح تي به وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هندستان جي وڏن سيڙپڪارن به سرڪار کي جنگ کان تارو ڪرڻ جي منٿ ڪئي آهي.
مَي 1, 2025