پيٽرول ۽ ڊيزل ٻه ٻه رپيا سستا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 252.63 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 256.64 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
مَي 1, 2025