ڀارت جي ڪنهن به ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ٽله فيلڊ فائرنگ رينجرز جو دورو ڪيو، هن منگلا اسٽرائيڪ ڪور جي جنگي مشقن جو معائنو ڪيو ۽ يمر اسٽرائيڪ مشق جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، ڪير ڪنهن به قسم جي غلط فهمي ۾ نه رهي، ڀارت جي ڪنهن به ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.