ڪشمور: پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج، شهرين جو حڪومت کان مطالب

Spread the love

ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو)  ڪشمور شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ تي شهرين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. رفيق احمد چنه، هدايت الله جکهراڻي ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ڀرچونڊي شريف مان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر کنيا هئا، جن تي ٽائون انتظاميه خلاف نعرا لکيل هئا.

مظاهرين جو چوڻ هو ته 2 ڪروڙ 28 لک رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود شهرين کي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت ميسر ناهي، هدايت الله جکهراڻي چيو ته واٽر سپلائي جي بندش بابت ڪيترائي ڀيرا ٽي ايم او ڪشمور کي شڪايتون ڪيون ويون،

 پر ڪنهن به قسم جي شنوائي نه ٿي، مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪشمور شهر ۾ واٽر سپلائي فوري طور بحال ڪئي وڃي ۽ مبينا ڪرپشن ۾ ملوث ٽائون عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو