سکر: ڀارتي الزامن خلاف صرافه بازار ۾ احتجاج، ڀارتي جهنڊو ۽ مودي جي تصويرن تي لعنتون

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)سکر اسمال ٽريڊرز ۽ صرافه ايسوسي ايشن سکر جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڀارت پاران پاڪستان تي الزام تراشين جي خلاف صرافه بازار ۾ روڊ تي ڀارتي جهنڊو، نريندر مودي جون تصوير هڻي لعنتون ۽ جوتا پڻ هنيا ويا. احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

جنهن ۾ واپاري برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهر ڪندڙن پاڪ فوج زنده آباد، پاڪستان پائنده آباد، ڀارت مرده باد، نريندر مودي مرده باد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هيا. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي سکر اسمال ٽريڊرز ۽ صرافه ايسوسي ايشن سکر جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو ته پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙ جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، ڀارتي حڪومت پاران پهلگام واقعي جو ڊرامو رچائي ان جو الزام پاڪستان عائد ڪرڻ پوري قوم ۾ شديد ڪاوڙ پکيڙيل آهي،

پاڪستاني فوج ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، سڄي ملڪ جي واپاري برادري ۽ عوام پنهنجي وطن جي حفاظت، بقا، سلامتي جي لاءِ پنهنجي بهادر فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، نريندر مودي جي گدڙ ڀڀڪين کان گهٻرائڻ وارا ناهيون، ڀارت کي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ چڱي طرح ڄاڻون ها. جيڪڏهن ڀارت پاران ڪا به جارحيت ڪئي ويئي ته هو نسيت ۽ نابود ٿي ويندو، هن جو چوڻ هو ته اهو دنيا تي واضح ٿي چڪو آهي ته ڀارت پاڻ مرادو واقعا ڪرائي ان جو الزام پاڪستان تي لڳائيندو آهي،

مودي هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد بڻجي چڪو آهي، پاڪستاني عوام ايماني جذبي سان سرشار آهي، پنهنجي وطن جي حفاظت، بقا، سلامتي جي لاءِ جان جي قربانيون ڏيڻ جي  لاءِ به تيار آهي. ڀارت ڪا به جارحيت کان پهريان ماضي مان سبق حاصل ڪري جڏهن پاڪستاني فوج جي جانبازن دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيئي ڪري سندن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو هو.

 ڀارت جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي جارحيت ڪئي ته پوري ملڪ جي واپاري برادري ۽ عوام شيشو پلائي ديوار ثابت ٿيندي ۽ وطن عزيز پاڪستان جي استحڪام، بقا، دفاع جي لاءِ پنهنجي بهادر فوج سان ڪهلو ڪلهي ۾ لائي ڀارت کي نسيت ۽ نابود ڪري ڇڏينداسين.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو