دادو: واپڊا جي ظلم خلاف انجمن تاجران جي شٽر بند هڙتال، ڌرڻو، احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، واڌو بل، خراب ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ سڄي شهر ۾ ڊي فٽنگ لڳائي شهر جي بجلي هٿ سان بند ڪرڻ خلاف انجمن تاجران ضلع دادو پاران دادو شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري سوين واپارين، وڪيلن، شهرين، پورهيتن سميت ٻين هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي اسيٽيشن روڊ کان ريلي ڪڍي دادو سيپڪو جي ڏاڍ جبر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي موڙ تي شاميانه هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ، ۽ سيپڪو جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڇتي نعريبازي ڪندا رهيا،

 ان موقعي واپارين صدر گل حسن پنهور، چئرمين غلام نبي لغاري، مجيب پنهور،وڪيل عبدالحڪيم لغاري  وڪيل راشد گهلو،  احمد خان زئنور، حميد ميمڻ، سجاد پنهور، حڪيم جمالي، پ پ ضلع ڪائونسلر حسينه لغاري،خلق جي خدمت فائونڊيش جي سي او روزينه جتوئي ۽ ٻين چيو ته سڄو شهر سيپڪو جي هٽ ڌرمي سبب تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي، 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ شهر جي بجلي بند آهي صرف ايڪسپريس فيڊر مڪمل هلايو پيو وڃي، 5 لک آبادي گرمي ۾ تڙپي رهي آهي، پر سيپڪو جي ڪرپٽ عملي کي ڪابه پرواھ نه آهي،

لوڊشيڊنگ  سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي قھر جي گرمي ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي هٿ سان شهر جي سمورن فيڊرن تي بجلي بند ڪري چيو وڃي ٿو ته سکر سيپڪو آفيس مان زبردستي دادو گرڊ سميت ٻين گرڊن تان بجلي بند ڪرائي وڃي ٿي  شهر جي سمورن فيڊرن کي شهر کان 5 ڪلو ميٽر پري تائين ڳوٺن کي ڦهلايو ويو آهي،

 سيپڪو عملو پاڻ بجلي چوري ڪرائي پيو شهر اندر سوين برف جي ڪارخانن، پيٽرول پمپن کي بنا ميٽر جي بجلي جون ڪنڊيون هڻي ماهوار انهن کان لکين روپيا اوڳاڙي سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو پيو وڃي ، دادو شهر جي سڀني ڪامورن کي ايڪسپريس مان بجلي ڏني وئي آهي، باقي خلق خدا پريشان آهي ، سيپڪو سکر کي گهرجي ته ايڪسپريس فيڊر کي بند ڪري شهر جي ٻين فيڊرن کي بجلي ڏني وڃي،

چونڊيل نمائندن دادو واسين لاءِ ڪجھ نه ڪيو آهي، ان ڪري هاڻ عوام پاڻ ٻاهر نڪتو آهي، دادو شهر جي 14 فيڊرن تي 18 ڪلاڪن کان مٿي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ، گرمي پڌ 47 ۽ 48 آهي پر گرمي جي فيلنگ 51،52 آهي پر سيپڪو عملي ۽ ضلعي انتظاميه کي رحم نه آهي،

استاد بخاري جي نالي تي فيڊر ٺاهيو ويو آهي پر ان فيڊر سان ايڏي حالت آهي جو اتان جا رهواسي بجلي لاءِ سڪي رهيا آهن، الشهباز، غريب آباد، سٽي ون، سٽي 2 ، سٽي 3 ،4 ۽ 5 ،ٽلٽي، خدا آباد فيڊرن تي ايڏي لوشيڊنگ آهي جو 24 ڪلاڪن ۾ 3 ڪلاڪ به بجلي نه آهي،

 اسان هن ڪهر جهڙي گرمي ۾ شوق سان وچ روڊ تي نه ويٺا آهيون، اسان کي سيپڪو وارن مجبور ڪيو آهي هي ڌرڻو ٻٻرلو ڌرڻي وانگر يادگار هوندو، دادو شهر جو عوام سيپڪو جي ڏاڍ جبر آڏو گوڏا نه کوڙيندو ، دادو شهر جي ايس ڊي او ون ۽ 2 ۾ مقرر سيپڪو جو عملو عوام دشمن بڻجي ويو آهي، اسان جي احتجاج جي اعلان بعد واپڊا جو عملو اسان جي گهرن تي وڃي ويڊيو ڀري اسان کي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جي ڌمڪي ڏني هئي،

شهر اندر سڄو سڄو ڏينهن بجلي نه آهي جنهن سبب ڪاروبار مڪمل طور ٺپ ٿي ويو آهي سيپڪو عملو هٿ سان بجلي چوري ڪرائي ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي، دادو سيپڪو جو اهيو روئيو رهيو ته دادو شهر مان پهرين مرحلي ۾ 10 هزار رهواسي پنهنجي گهرن تان بجلي جو ميٽر ختم ڪرائڻ جي درخواست ڪندا ، اڌ شهر کان مٿي رهواسين سولر سسٽم لڳرايو آهي،

 هي پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ دادو واسين کي سيپڪو چيف سکر ۽ وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي کي بجلي چور قرار ڏئي رهيا آهن، اسان چور نه پر سيپڪو وارا پاڻ چور آهن ، گذريل 9 ڪلاڪن کان سوين شهرين وچ روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج تي ويٺل آهيون نه سيپڪو وارا هلي آيا آهن نه ڊي سي دادو ، دادو ۾ سڀئي ڪامورا هڪ ٿي عوام کي مارڻ چاهين ٿا سڄي شهر ۾ 50 کان مٿي ٽرانسفارمر سڙيل آهن جن تي سيپڪو وارا اتان جي رهواسين کان هڪ لک روپيا رشوت طلب ڪري رهيا آهن

بجلي جا اضافي ڳرا بل به شهرين جمع ڪرائين ۽ هاڻ ٽرانسفارمر جي مرمت لاءِ به پيسا ڏين ، جيستائين دادو شهر مان بجلي جي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ جو خاتمو ۽ بجلي جا ڳرا بل ۽ سڙيل ٽرانسفارمرن جي مرمت جي نالي تي پيسا وٺڻ بند نه ڪندا ۽ دادو ۾ سيپڪو جي عملي کي ضلعي بدر نه ڪيو ويندو ان وقت تائين احتجاج جاري رهندو،

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو