سلمان خان کي ” شادي شده“ نٿي ڏسڻ چاهيان: اميشا پٽيل

Spread the love

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل چيو آهي ته سلمان خان هڪ زبردست، محبت ڪندڙ ۽ پُرامن شخص آهي، مان کيس شادي شده نٿي ڏسڻ چاهيان.
واضح رهي ته اميشا پٽيل پاڻ به سلمان خان ۽ سشميتا سين وانگر اڃا تائين شادي ناهي ڪئي.
تازو هڪ انٽرويو دوران بالي ووڊ جي ” دبنگ“ اداڪار بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ساڻس دوستيءَ واري تعلق تي پڻ روشني وڌي.
ادڪاريا چيو ته ”مان پنهنجي چوڌاري ڪيترن ئي قسمن جا لاڳاپا ڏٺا، جن ۾ سنجي دت ۽ رتيڪ روشن به شامل آهن، جن جون شاديون ناڪام رهيون، پر اڄ به اهي پنهنجي اڳوڻين زالن گڏجي ٻارن جي پرورش ڪري رهيا آهن.“
اميشا چيو ته ”سلمان خان هر ڪنهن جو خيال رکندڙ ۽ پيار ڪندڙ شخص آهي، مان کيس شادي شده ڏسڻ نٿي چاهيان.“
جڏهن اميشا کان پڇيو ويو ته ڇا هوءَ سلمان خان سان شادي لاءِ تيار آهي ؟ ته هن مُرڪندي چيو، ته ” ان لاءِ مونکي خان صاحب جو انٽرويو وٺڻو پوندو ته ڏسان ته هو سڌريو آهي يا نه!“
اداڪارا ٻڌايو ته ”سلمان خان مونکي ’ميناڪماري‘ ڪوٺيندو آهي، ڇو ته مان جڏهن به سندس ويجهو هوندي آهيان ته روئڻ لڳندي آهيان، اسان جو رشتو اهڙي قسم جي شرارتن ۽ جذباتي ويجهڙائن تي ٻڌل آهي.“
ياد رهي ته اميشا پٽيل ۽ سلمان خان 2002ع ۾ ڊيوڊ ڌون جي فلم ” يه هي جلوا“ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو، جنهن ۾ سنجي دت، شمي ڪپور، قادر خان ۽ انوپم کير پڻ شامل هئا.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو