پي ايس ايل: پهرين مئي تي رٿيل ميچن بابت اهم اعلان، هدايت نامو جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران شوقينن لاءِ اهم معلومات ۽ سهولتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پي سي بي جي ترجمان موجب، پهرين مئي تي ٿيندڙ ڊبل هيڊر لاءِ ڪرڪيٽ شوقين، شام جو ميچ ڏسڻ لاءِ خريد ڪيل ساڳي ٽڪيٽ تي ٻئي ميچون ڏسي سگهندا.
ان ڏينهن پهرين ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ منجھند جو ٽِين وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ميچ رات اٺين وڳي لاھور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي وچ ۾ کيڏي ويندي.
شوقينن جي سهولت لاءِ پي سي بي طرفان کين اسٽيڊيم ۾ ڇٽيون آڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته سڀني انڪليوزرن ۾ واٽر ڪولر پڻ موجود هوندا ته جيئن گرمي دوران تماشائي تازا توانا رهي سگهن.
پڌرائيءَ موجب، شوقينن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو پاڻ سان گڏ هيٽ، ٽوپي پايون اچن، جڏهن ته گرميءَ کان بچاءُ لاءِ اسٽالز تي ليمونيڊ پڻ موجود هوندي.
ميچ جي ڏينهن صحت ۽ تحفظ جي حوالي سان به پي سي بي طرفان ميڊيڪل ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ زور ڏنو ويو آهي ته شوقينن باقاعدگي سان پاڻي پيئن، ڀلي اڄ نه به لڳي.
ايڊوائزري ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تماشائي 30 ايس پي ايف يا ان کان وڌيڪ سن اسڪرين لڳائين،
ان کانسواءِ شوقينن کي هلڪي رنگ جا ڍڪيل ڪپڙا پائڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي ۽ مٿي کي سج جي تپش کان بچائڻ لاءِ ٽوپي پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.