فيصلو عمران خان کي ڪرڻو آهي

Spread the love

انصار عباسي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڀاڻي جي حوالي سان پارٽي اڳواڻن کي به خبر ناهي ته ڇا ٿيندو. عمران خان جيل ۾ آهي، نھ تھ فوج سان ۽ نھ ئي حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه  ٿي رهي.ھينئر تائين جي  پٺئين چينل سان رابطن ٿا ھئا، انھن مان ڪو بھ کڙتيل نھ  نڪتو آهي.احتجاج ڪري بھ ڏسي ورتائون. اسلام آباد ڏانهن پڻ بار بار مارچ سان بھ ڪجهه حاصل نه ٿيو، بلڪه پارٽي، ان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ مشڪلات ئي وڌنديون ويون.نه ماڻهو ٻاهر پيا نڪرن، نه ئي ڪو بائيڪاٽ ڪامياب پيو ٿئي. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين به عمران خان جي اپيل تي ڌيان نه ڏنو آهي ته پاڪستان کي پرڏيھي ناڻو گھٽ کان گھٽ موڪليو. ان جي ابتڙ غيرملڪي ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي چڪو آهي. ٽرمپ بھ مدد لاءِ نه آيو آهي ۽ آءِ ايم ايف بھ ڪا لفٽ نھ ڪرائي.

عدليه مان اميدون هيون، پر هاڻي اتان به ڪجهه ملڻ جي ڪا چانس نھ آھي.ڪجهه به توقع  مطابق نه ٿي رهيو آهي، ۽ نه ئي عمران خان جي آزادي جو ڪو رستو نھ پيو نڪري.مٿان وري  پارٽي يڪو ورھائبي پئي وڃي.۽ اڳواڻ هڪ ٻئي جي سامهون ٿي بيھي رھيا آهن.ھاڻي ڪجي تھ ڇا ڪجي ؟ ھي اھو سوال آهي جنهن جو جواب ڳولڻ بنا پاڪستان تحريڪ جي مستقبل جي حوالي سان ڪجھ نٿو چئي سگهجي.ھاڻوڪي مونجھاري جي صورتحال سان تھ پارٽي کي ڪجھه بھ ملڻو نھ آھي. جيستائين فيصلو چٽوپٽو نٿو ڪيو وڃي تھ حڪمت عملي ڪھڙي اختيار ڪرڻي آھي.تيستائين پنھنجي مقبوليت باوجود تحريڪ انصاف  ملڪي سياست ۾ پنهنجو اثر وڃائيندي رهندي.

هاڻي نه ته حڪومت کي ان کان ڪو خطرو آهي ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ کي ان کان ڪو خوف. هاڻي فيصلو ڪھڙو ڪجي ؟ ويڙھ وڙھڻي آھي يا ويڙھ ختم ڪري اڳتي وڌڻ جو رستو سڌو  ڪرڻو آھي ؟ جيڪڏهن انهن آپشنز کي وڌيڪ چٽو ڪيو وڃي ته پوءِ ٻن آپشنز جي حوالي پاڪستان تحريڪ انصاف کي فيصلو ڪرڻو پوندو اھي ھي آھن.  انقلاب يا مصالحت، هي اهو فيصلو آهي جيڪو عمران خان کي ڪرڻو آهي. باقي پارٽي قيادت تھ ان لحاظ سان ڪا حيثيت نٿي رکي.ائين تھ ٿي نٿو سگھي ته  ويڙهه بھ وڙھندو رھجي

۽ اسٽيبلشمينٽ سان راضي نامي جي بھ ڪوشش ڪجي. اهو به نٿو ٿي سگھي تھ پنهنجن جذباتي سوشل ميڊيا  کي خوش رکندي ۽ انهن جي ٽرينڊز جي مطابق ھلندو رھجي ۽ پوءِ اھو سوچجي ته ان سان اسٽيبلشمينٽ ناراض پڻ نھ ٿئي.فوج جي خلاف ڳالهه بھ ڪجي ۽ فوج سان ڳالهائڻ جا جتن بھ ڪجن.ويڙھ  وڙهڻي آهي ته پوءِ ويڙه وڙھو ۽ ان جي لاءِ انقلاب  واحد رستو آهي. ڇا انقلاب جون اڳيون  ڪوشون ڪامياب ٿيون ؟ 9 مئي تي ڇا ٿيو؟ ڇا حقيقي

 آزادي ملي وئي ؟ ڇا باربار احتجاج جي ڪالز ڏيڻ جي باوجود،جيڪا توقع ھئي ان جي  ڏهه سيڪڙو برابر بھ ماڻهو  ٻاهر نڪتا؟ ائين اڃا تائين تھ نه ٿيو آهي، پر ڇا  مستقبل ۾ ٿي ويندو؟ ان جو فيصلو ڪرڻ ڪو ايترو ڏکيو ناهي، هاڻي ٻيو آپشن مفاهمت جو آهي… جنهن لاءِ پهرين فوج ۽ فوجي قيادت بابت مڪمل خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي.ان  خاموشي جو مطلب عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف  جي سوشل ميڊيا جي خاموشي آهي.

جيڪڏهن ائين ٿي ويو تھ پڻ  فوري ڪجهه ملڻ وارو نھ آھي ۽ان جو گھڻن ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي  اڳواڻ  کي علم آھي ۽ ان بابت اھي پاڻ ۾ ڳالهائيندا به آهن. پارٽي ۾ اهو احساس پاتو ويندو آھي ته گذريل ٻن  ٽن سالن جي پاليسين جي ڪري، پاڪستان تحريڪ انصاف مقبول تھ ضرور ٿي آهي، پر اها اقتدار کان گھڻو پري ٿي وئي. اهو به احساس آهي ته اقتدار کان دوري ڪا  جلد ختم ٿيڻ وارو ناهي، پر جيڪڏهن  ايندڙ ٻن ٽن سالن بعد پنھنجي لاءِ صورتحال کي سڌو ڪرڻو آھي تھ پوءِ مصالحت لازم آهي. جيترو جلد مصالحت يعني فوج سان ويڙھ جي خاتمي لاءِ تحريڪ انصاف ۽ عمران خان  قدم کڻندا، اوترو جلدي پارٽي سياست جي مونجھاري جو خاتمو ايندو ۽ انهن اڳيان سندن  مستقبل چٽ ٿيندو ويندو.

پارٽي اندر اڳواڻن کي ان ڳالھھ جو احساس ٿي چڪو آهي ته،نه ته چونڊ نتيجا بدلندا ۽ نه ئي حڪومت وڃڻ واري آھي، يعني ھي نظام جيئن آهي تيئن ھلندو. سوچ اها آهي ته جيڪڏهن ايندڙ چونڊن لاءِ رستو هموار ڪرڻو آهي ۽ اهو يقيني بڻائڻو آهي ته پارٽي جو 2024 جي چونڊن وارو حال نه ٿئي، ته پوءِ مفاهمت جو رستو اختيار ڪجي۽ نھ پنهنجي ڪنهن به اڳواڻ يا سوشل ميڊيا کي کليل موڪل ڏجي تھ  سندن مرضي ۾ جيڪو اچي اھو ڪندا وتن.اھو  فيصلو عمران خان کي ڪرڻو آهي!!

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو