خوشخبري، ايل پي جي سستي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر سستو ڪري ڇڏيو.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 37 رپيا 80 پيسا سستو ڪيو ويو آهي.
ايل پي جي جي 11.8 ڪلو گرام گهريلو سلينڊر جي قيمت 2892 رپيا 91 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب في ڪلو ايل پي جي 3 رپيا 20 پيسا سستي ڪئي وئي آهي، ايل پي جي جي نئين في ڪلو قيمت 245 رپيا 16 پيسا ٿي وئي آهي.