ڀارت هن وقت جذباتي آهي پر پاڪستان صبر کان ڪم پيو وٺي: بلاول ڀٽو زرداري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت هن وقت جذباتي آهي پر پاڪستان صبر کان ڪم پيو وٺي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم چئي چڪو آهي اسان پهلگام واقعي جي اڻ ڌري جاچ لاءِ تيار آهيون، ڀارتي حڪومت پاڻي بندش کي هٿيار طور استعمال ڪندي ته ان جو مطلب جنگ جو اعلان هوندو.
هن چيو ته ماضي ۾ به پاڪستان تي الزام هنيا ويا، پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڪڍيو ويو، جنهن جو مطلب عالمي برادري تسليم ڪيو ته پاڪستان جو دهشتگرد گروهن سان ڪو واسطو ناهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايل او سي تي ڀارتي فائرنگ جو جواب ڏئي رهيو آهي، ڀارت هن وقت جذباتي ٿي رهيو آهي پر پاڪستان صبر کان ڪم پيو وٺي، پاڪستان وڏي صبر سان ڀارت جي الزامن جو جواب ڏنو آهي.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو