اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت عدليا ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري ڇڏيو آهي: اختر مينگل

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ جمهوريت سڀ ڪجهه سواليا نشان بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت عدليا ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري ڇڏيو آهي.
ڪوئيٽا هاءِ ڪورٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته هن ملڪ ۾ ڳالهائيندي احتياط ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته لفظن جي چونڊ به ڏوهه بڻجي سگهي ٿو، خبر ناهي ته منهنجو آواز اتي پهچندو يا نه پر سچ ڳالهائڻ منهنجو حق آهي.
هن چيو ته هن نظام، پارليامينٽ ۽ جمهوريت تان منهنجو اعتماد مڪمل طور کڄي ويو آهي، ڇو ته هي نظام عوامي نمائندگي بدران ڪنهن ٻئي جي اشاري تي ٿو هلي.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو