” آءِ پي ايل جي 18 سيزن ۾ 18 نمبر واري جرسي پهريندڙ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو“

Spread the love

سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ شوقين نه فقط ڀارتي بيٽر ورات ڪوهلي جي نالي ۽ راند کان واقف آهن، پر ساڻس لاڳاپيل هر ننڍي وڏي ڳالهه به سندن نظرن کان اوجھل ناهي رهي.
اِهو ئي سبب آهي جو 22 مارچ تي ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊنز اسٽيڊيم ۾ آءِ پي ايل جو 18 هون ايڊيشن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ويرات ڪوهلي جو هڪ اشتهار ڀارتي ٽي وي چئنلن تي هلڻ لڳو، جنهن ۾ هو جتي به ويو ٿي اتي کيس رڳو 18 نمبر واري جرسيءَ ۾ نظر اچي رهيو آهي، 18 هون عالمي سطح تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي سميت آءِ پي ايل فرنچائز رائل چئلينجر بئنگلورو طرفان کيڏندي سندس سڃاڻپ رهيو آهي.
ايڊن گارڊنز ۾ هلندڙ سيزن جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) ۽ رائل چئلينجرز بينگلور (آر سي بي) جي وچ ۾ ٿي، جتي وراٽ ڪوهلي پهرين ئي ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هن ڀيري آءِ پي ايل سندس نالي رهندي. هاڻي هن ڏهن ميچن دوران آءِ پي ايل 2025ع جي سيزن جي ” اورينج ڪيپ “ ماڻي ورتي آهي.
واضح رهي ته سندس ٽيم آر سي بي 2008ع کان هنيئر تائين ڪڏهن به آءِ پي ايل ٽرافي ناهي کٽي سگهي.
آءِ پي ايل ۾ جيڪو رانديگر سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندو آهي تنهن کي ”اورينج ڪيپ۾ يعني نارنگي رنگ جي ٽوپي سان نوازيو ويندو آهي، جيڪا ٽورنامينٽ دوران هڪ رانديگر کان ٻئي ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. اهڙي طرح جيڪو بالر سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺي ٿو، ان کي ”پرپل ڪيپ“ ملندي آهي، اِها ٽوپي به هن وقت آر سي بي جي آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ وٽ آهي.
جيڪڏهن آءِ پي ايل جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر ٽن سيزنن دوران اورينج ڪيپ حاصل ڪئي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي بيٽر ”يونيورس باس“ ڪرس گيل ٻه ڀيرا، شان مارش، سچن ٽينڊولڪر ۽ ويرات ڪوهلي هڪ هڪ دفعو اِهو اعزاز ماڻي چڪا آهن.
هلندڙ سيزن جي پهرين ئي ميچ ۾ ڪوهلي سڀ کان وڌيڪ 59 رنسون ٺاهي اورينج ڪيپ حاصل ڪئي هئي، پر پوءِ ۾ اِها ٽوپي مختلف رانديگرن جي مٿي تي نظر آئي.
هاڻي 10 ميچون کيڏي ڪوهلي گذريل رات ٻيهر اِها ٽوپي پنهنجي نالي ڪئي، هن دهلي خلاف ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾هلندڙ سيزن جي ڇهين ففٽي اسڪور ڪئي.
آءِ پي ايل جا اڌ کان وڌيڪ مقابلا ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت آر سي بي ويرات ڪوهلي جي مستقل رنسون ٺاهڻ جي ڪري ٽاپ پوزيشن تي آهي، ٽيم ڏهن ميچن مان ست کٽي 14 پوائنٽس حاصل ڪري ورتيون آهن.
آءِ پي ايل جي پهرئين ايڊيشن کان ئي ويرات ڪوهلي آر سي بي سان واڳيل رهيو آهي، هن ٽيم جي قيادت پڻ ڪئي پر اڃا تائين هو ڪپتان يا رانديگر طور پنهنجي فرنچائز کي ڪو ٽائيٽل ناهي کٽرائي سگهيو.
سال 2016ع ۾ جڏهن ڪوهلي ڪپتان طور چئن سينچرين جي مدد سان 973 رنسون ٺاهيون، جيڪو اڄ تائين هڪ سيزن دوران ڪنهن به بيٽر جو سڀ کان وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ آهي، تڏهن لڳو پئي ته آر سي بي آءِ پي ايل کٽي ويندي پر فائنل ۾ ان کي ڊيوڊ وارنر جي حيدرآباد هٿان شڪست ملي.
سوشل ميڊيا تي ويرات ڪوهلي جو ٽرينڊ ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر عمر جي ان حصي ۾ جڏهن ” اورينج ڪيپ “ ماڻڻ تي سندس واکاڻ ٿي رهي آهي.
هو هاڻي آر سي بي جا ڪپتان نه رهيو پر هو اڪيلو رانديگر آهي جنهن هر سيزن ۾ آر سي بي جي نمائندگي ڪئي آهي ۽ اهڙو اعزاز مهندر سنگهه ڌوني سميت ڪنهن ٻئي رانديگر کي حاصل ناهي.
ڪوهلي کان پوءِ ممبئي انڊينز جي سوريا ڪمار يادَو آهي، جنهن 10 اننگز ۾ 427 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽئين نمبر تي نوجوان رانديگر ساءِ سودرشن آهي، جنهن 8 اننگز ۾ 417 رنسون ٺاهيون آهن ۽ ٻه ڏينهن اڳ تائين اورينج ڪيپ سودرشن جي مٿي تي هئي.
دهلي خلاف فتح کانپوءِ پريزينٽيشن دوران جڏهن ويرات ڪوهلي کان پڇيو ويو ته هدف پٺيان ڊوڙندي سندن ذهن ۾ ڇا هوندو آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ” سڀ کان پهرين هدف تي ڌيان ڏيندو آهيان ۽ پوءِ پچ کي ڏسندو آهيان، ان کانپوءِ سوچيندو آهيان ته ڪهڙي بالر کي کيڏڻ ڏکيو ٿيندو، اهڙيءَ ريت پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪندو آهيان.“
هن چيو ته ” هدف پٺيان بيٽنگ ڪرڻ وقت مان سنگلز ۽ ڊبلز وٺڻ ناهيان وساريندو ، پارٽنرشپ تي ڌيان ڏيڻ، اسٽرائيڪ بدلائڻ سان اسڪور بورڊ جو ڦيٿو ناهي بيهندو ۽ وچ وچ ۾ بائونڊريون به هڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.“
واضح رهي ته هن سيزن دوران هدف جو پٺيان ڊوڙندي آر سي بي اڃا تائين ڪا به ميچ نه هارائي آهي.
ويرات ڪوهلي جو ٽارگيٽ چيز ڪندي رڪارڊ انتهائي شاندار رهيو آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ کيس ” چيز ماسٽر“ چيو ويندو آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ مداح لکيو ته ” 36 سالن جو رانديگر، جيڪو انٽرنيشنل ٽي 20 تان رٽائر ٿي چڪو آهي، اڄ به نوجوانن کي پوئتي ڇڏي اورينج ڪيپ حاصل ڪري رهيو آهي، اِها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، تنهنڪري اسان کيس ڪرڪيٽ جي دنيا جو بادشاهه چوندا آهيون. “
ان کانسواءِ ويرات ڪوهلي جي اِها وڊيو پڻ تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو دهلي جي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪي ايل راهول کي چيو ته ” هي منهنجو گرائونڊ آهي.“
جيتوڻيڪ آر سي بي جو هوم گرائونڊ بئنگلورو آهي، پر دهلي سان واسطو رکي ٿو، تنهنڪري ارون جيٽلي اسٽيڊيم سندس اصل هوم گرائونڊ سمجهيو وڃي ٿو.
پر مدحن جو خيال آهي ته ” دنيا جو هر ميدان ويرات ڪوهلي جو ميدان آهي.“
هڪ واهپيدارن لکيو ته ” چنائي سپر ڪنگز کي چيپوڪ(چنائي ۾)، ممبئي انڊينز کي وانکيڙي ۾، ڪي ڪي آر کي ايڊن گارڊنز ۾، راجستان رائلز کي جئپور ۾، پنجاب ڪنگز کي چنديڳڙهه ۾ ۽ دهلي کي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ شڪست ڏيندڙ آر سي بي 2025 جي آءِ پي ايل ۾ زور شور سان اڳتي وڌي رهي آهي.“
هڪ واهپيدار لکيو ته ويرات ڪوهلي پهريون رانديگر آهي، جنهن 11 مختلف سيزنن ۾ 400 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن.
ياد رهي ته ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ۽ سينچريون اسڪور ڪندڙ رانديگر آهي.
هو آءِ پي ايل ۾ 8000 کان وڌيڪ رنسون ۽ 8 سنچريون ٺاهي چڪو آهي، جڏهن ته ٻيو نمبر روهت شرما جو آهي، جيڪو ڪوهلي کان وڌيڪ ميچون کيڏڻ باوجود اٽڪل 1500 رنسون پوئتي آهي.
آءِ پي ايل جا 74 ميچون ٿيڻون آهن، جن مان 46 ميچون ٿي چڪيون آهن.
آر سي بي 14 پوائنٽس سان پهرئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته گجرات ٽائيٽنز، ممبئي انڊينز ۽ دهلي ڪيپيٽلز 12-12 پوائنٽس سان ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن.
ڌوني جي ٽيم آخري نمبر تي آهي، جيتوڻيڪ چنائي لاءِ پلي آف مرحلي تائين پهچڻ ناممڪن ناهي، پر ڏکيو ضرور آهي، ڇو ته ان 9 ميچن مان رڳو ٻه کٽيون آهن، جڏهن ته ستن مقابلن ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
دفاعي چيمپيئن ۽ بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ست پوائنٽن سان ستين نمبر تي موجود آهي.

اپريل 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو