سي ايس ايس 2024 جي لکت واري امتحان جا نتيجا جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سي ايس ايس 2024 جي لکت واري امتحان جو نتيجو جاري ڪري ڇڏيو.
نتيجن موجب، مجموعي طور تي 23100 اميدوارن امتحان لاءِ درخواست ڏني هئي، جڏهن ته 15602 اميدوار امتحان ۾ شرڪت ڪئي.
امتحان ۾ حصو وٺندڙ 15602 اميدوارن مان رڳو 395 اميدوار لکت واري امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
سي ايس ايس جي لکت واري امتحان ۾ ڪاميابي جي شرح رڳو 2.53 سيڪڙو رهي.