تڪراري ڪئنال، حڪمران جماعتون ۽ سنڌي قوم جو ردعمل

Spread the love

سيد يوسف شاهه

ھن وقت سموري سنڌ ٻٻرلوءِ ۽ ٻين مختلف ھنڌن تي احتجاجي ڌرڻا ھڻي ھڪ ئي مطالبو ڪري رھي آھي ته سنڌو درياھه تي ٺھندڙ سمورن ڪئنالن ٺاھڻ جو فيصلو واپس وٺڻ سميت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جا ليز رد ڪريو. انھيءَ دوران زرداري پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول زرداري، وزير اعظم شھباز شريف سان گڏجي اھو طئي ڪري آيو ته ان وقت تائين ڪئنالن جي اڏاوت جو ڪم روڪيو ويندو، جيستائين گڏيل مفادن واري ڪائونسلCouncil of Common Interest (CCI)   ۾ انھن ڪئنالن بابت صوبن جي گڏيل رضا منديءَ سان فيصلو نٿوڪيو وڃي. ھن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ بلاول زرداريءَ يا وزير اعظم پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙي تڪراري رٿا بابت ھڪ لفظ به نه ڳالھايو ويو. جنھن مان ٻنھي جي نيتن جو اندازو لڳائڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آھي. ايتري تائين جو بلاول زرداريءَ وزير اعظم جي واکاڻ ڪندي چيو ته وزيراعظم احتجاجن جي شدت کي گهٽائي ڇڏيو آھي، ھاڻي ڪئنالن جو مسئلو حل ٿي ويو آھي ۽ اتفاق راءِ کان سواءِ ڪئنالن تي ڪم روڪيو ويو آھي.!

سنڌي قوم کي اھو چڱيءَ طرح ياد آھي ته ڪجهه ڏينھن اڳ ساڳئي بلاول وفاقي حڪومت خلاف دانھيندي چيو ھو ته نيب پاران سنڌ جي وزير ڄام خان شوري کي ڪرپشن جا ڪيس کولڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. اسان کي اھا به ڄاڻ آھي ته اوھان جي لالچ، مال خوريءَ ۽ بي انتھا  ڪرپشن اوھان کي گيدي ۽ ڀاڙيو بنائي سنڌ جو سوڌو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، ھاڻي بلاول زرداريءَ کي اھو نظر نٿو اچي ته سندن نانيءَ ويڙھي کان پوءِ احتجاجن ۾ شامل ٿيندڙن جو انگ ٻيڻو ۽ ٽيڻو ٿي ويو آھي. ان کان فورن پوءِ فريال ٽالپر ڪئنالن تي ڪم روڪڻ ۽ سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ کي قومي يڪجهتي، آئيني بالادستي ۽ سنڌ جي عوامي جدوجهد جي فتح قرار ڏنو. پر اوھان جو سنڌ دشمنيءَ ۽ ڌوڪيبازين وارو ڪردار سنڌي قوم جي سامھون اچي چڪو آھي، اوھان سنڌي قوم جي قومي جدوجهد کي چيڀاٽڻ لاءِ پنھنجي ضمير جو سوڌو ڪري آيا آھيو، اھوئي سبب آھي جو سنڌي قوم اوھان جين سمورين منافقين کي ٿڏيندي اڄ به جدوجهد جي ميدان تي ويٺل آھي. مراد علي شاهه چوي ٿو ” ھاڻي ڪئنالن وارو مسئلو حل ٿي ويو آھي، اميد آھي ته سي سي آءِ واري اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جو نمائندو اسان جو ساٿ ڏيندو.“ سنڌي قوم کائنس اھو پڇڻ جو حق رکي ٿي ته جنھن سي سي آءِ جي گڏجاڻيءَ جي ڳالهه ڪندي اوھان ھنڀوڇيون پيا ٿا ھڻو، ان جي 8 ميمبر مان چيئرمين سميت پنج ميمبر شھباز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار، خواجا آصف ۽ امير مقام نسل پرست پنجابي آھن، جن مان ڪيترائي سنڌي قوم کي ڌمڪيون ڏيئي چڪا آھن، ايتري تائين جو مريم نواز ڌمڪي ڏيندي ايترو به چئي چڪي آھي ته ”ھاڻي پنجاب جي عزت جو سوال آھي، ڪجهه به ٿي وڃي ڪئنال ضرور ٺاھيا ويندا.“سرفراز بگٽي، جيڪو بلوچ قوم کي مارائي پيو سو سنڌ جو ڪھڙو ساٿ ڏيندو، اوھان جيڪي ڊراما ڪيا آھن اھي به قوم کان ڳجها ڪونھن، باقي رھيو پي ٽي آءِ ميمبر جو معاملو ته سندس ساٿ ڏيڻ يا نه ڏيڻ سان ڪھڙو فرق ٿو پوي؟

جيڪڏھن اوھان سنڌي قوم سان مخلص ۽ سچا ھجو ھا، جيڪڏھن اوھان سنڌين سان ڌوڪو ۽ غداري ڪندڙ نه ھجو ھا ته منافقيءَ وارا نعرا ھڻڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل لکين ايڪڙ زمين جا ليز فورن رد ڪريو ھا ڇوته ھيءُ زمينون اوھان جي اباڻي يا موروثي ملڪيت نه پر سنڌي قوم جي اجتماعي ملڪيت آھن، جن کي اوھان سنڌين کان کسي پرڏيھي ۽ ڏيھي ڪمپنين سان وڪرو ڪري پنھنجا ڀڀ ڀري ڪمپني سرڪار جي ”وفادار غلامن“ وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. باقي سي سي آءِ جي گڏجاڻيءَ ۾ جيڪا ”رضامندي“ ٿيڻي آھي اھا اوھان اڳ ۾ ئي طئي ڪري چڪا آھيو، بس گڏجاڻيءَ کان پوءِ بلاول زرداريءَ کان چوارايو ويندو ته ”جمھوريت ۽ آئين جي بالادستيءَ ۽ وفاق جي سلامتيءَ خاطر اھو فيصلو قبول ڪريون ٿا.“ پر ياد رکو سنڌ اسان جي امڙ آھي، سنڌ اسان کي ھزارن سالن کان پاليندي ٿي اچي، سنڌو ماتا جي سلامتي اسان کي دنيا جي ھر شئي کان ۽ اسان جين پنھنجين زندگين کان به وڌيڪ پياري آھي. اھو بي غيرت ھوندو جيڪو پنھنجن ذاتي مفادن خاطر پنھنجي ماءُ جي عزت جو سوڌو ڪندي به نه ڪيٻائيندو. سنڌي قوم اھو به ڄاڻي چڪي آھي ته جيڪي اٿندي ويھندي آئين آئين جو راڳ پيا ٿا ڳائين، اھي ڪيئن آئين جو ريپ ڪري، اُن جي عزت جا چيٿڙا اڏائي رھيا آھن. جيڪي قانون جي بالادستيءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، تن ڪيئن عدالتن جي فيصلن کي پيرن ھيٺان لتاڙيو آھي، جيڪي جمھوريت جون ھنڀوڇيون ھڻن ٿا اھي ڪنھن سان وعدا ڪري فارم 47 تحت اچي اقتدار کي چنبڙيا آھن.

شھباز شريف ۽ بلاول زرداريءَ جي ڳٺ جوڙ کان اڳ سنڌوءَ تي ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا خلاف قومي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ ڌرين ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ واري سازش تحت وڪيل اڳواڻن، درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينئر سيد زين شاهه، اياز لظيف پليجي ۽ راشد محمود سومري کي وزير اعظم پاران ”اتفاق راءِ“ پيدا ڪرڻ لاءِ الڳ الڳ ڳالھين جي آڇ ڪئي ويئي، پر جس ھجي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ سمورن اڳواڻن کي، جن فورن پاڻ ۾ رابطا ڪري ھڪ ئي موقف اختيار ڪيو ته ”جيستائين ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن واري رٿا واپس وٺڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ٿيندو تحريڪ جاري رھندي.“ اھڙوئي اعلان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، صنعان قريشي، رياض چانڊئي ۽ مير ذوالفقار ڀُٽي سميت تحريڪ جاري رکندڙ ٻين سمورن اڳواڻن به ڪيو.

سيد زين شاهه اسلام آباد ۾ گڏيل مخالف ڌر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪمپني سرڪار جا پراجيڪٽ آئين جي لتاڙ ۽ زمينن، سامونڊي ۽ معدني وسيلن سميت سمورن  صوبائي حڪومتن جي وسيلن تي ڌاڙو آھن. ھاڻي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اھميت نه رھي آھي، 18 ترميم به مفلوج ٿي چڪي آھي، اسان جي ڊيلٽا کي تباھ ڪيو ويو آھي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي غير آباد زمينون آباد ڪري، غير ملڪي ۽ مقامي بيوروڪريسي جي ڪمپنين کي ڏيئي اسان جي آباد زمينن کي بنجر بنايو پيو وڃي. اسان گڏيل مخالف ڌر وٽ آيا آھيون ته جيئن اسان جون حقيقي سياسي قوتون اسان جو ساٿ ڏين. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جو مطالبو اھو ناھي ته ڪئنالن جو فيصلو ملتوي ڪريو، سنڌ جو مطالبو آھي ته وزير اعظم اچي اعلان ڪري ته ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺون ٿا ۽ ھي تحريري آرڊر آھي جيڪو وفاقي ڪابينا، ارسا ۽ سي سي آءِ کي جاري ڪيو ويو آھي ان تي صدر ۽ وزير اعظم جون صحيحون ھجن. ھن چيو اڃا ته ڪوئلي، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي ڦرلٽ جا حساب به اوھان سان ڪرڻا آھن. اھڙيون ئي ڳالھيون تحريڪ ھلائيندڙ سمورا اڳواڻ ڪري چڪا آھن.

ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته پنجاب جا سمورا گس، ريلوي ٽريڪ ۽ بندر گاھن سميت وفاق جيڪو روزانو ڪروڙين رپين جي ڪوئلي تي ڌاڙو ھڻي پيو، ان جا رستا به بلاڪ ڪيا وڃن. ان ڳالهه جو به وڏو امڪان موجود آھي ته سنڌ حڪومت ۽ ٻيون سگهاريون ڌريون ھن پر امن تحريڪ کي پرتشدد بڻائڻ لاءِ پنھنجا ايجنٽ موڪلينديون جن تي نظر رکي، ھن تحريڪ کي ھر حال ۾ پر امن رکڻ يقيني بنايو وڃي ۽ پنجاب جي عوام کي اھو پيغام ڏنو وڃي ته اسان اوھان سان برابريءَ جي بنيادن تي گڏ رھڻ چاھيون ٿا، پر پنجاب ۽ وفاق جا حڪمران پاڪستان جي سلامتيءَ کي ڇيھو رسائي رھيا آھن، اوھان جيڪڏھن وفاق بچائڻ چاھيو ٿا ته پنجاب ۽ وفاق جي ظالم حڪمرانن خلاف ميدان تي نڪري پئو. سنڌ جي گيدي، مفاد پرست ۽ غدار حڪمرانن کي سنڌي قوم پاڻ ئي منھن ڏيندي.

اپريل 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو