ڀارت بي بنياد الزام لڳائي پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي جو جواز تيار ڪري رهيو آهي: آمريڪي اخبار جو انڪشاف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز انڪشاف ڪيو آهي ته مودي سرڪار اندروني سياسي دٻاءُ ۽ پنهنجي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطي ۾ تڪرار وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
نيو يارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب ڀارت پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي جو جواز تيار ڪري رهيو آهي، ڀارتي حڪومت هڪ اهڙي صورتحال تيار ڪري رهي آهي، جتي فالس فليگ آپريشن ذريعي پاڻ تي حملي جو الزام لڳائي پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائيءَ جو جواز پيدا ڪري.
انڊس واٽر ٽريٽي جهڙي اهم معاهدي کي معطل ڪري ڀارت عالمي قانونن ۽ روايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جڏهن ته پهلگام حملو، جنهن تي ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي، ان بابت ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو، جنهن سبب عالمي برادري به ڀارت کان سوال ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف ڀارت مسلمانن، خاص طور ڪشميرين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، جيڪا نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر ان سان خطي ۾ نفرت ۽ اڻ سهپ جي باهه به ڀڙڪي رهي آهي، ڪشميري شاگردن سان ناروا سلوڪ، سندن جبري بيدخلي ۽ تشدد جا واقعا عالمي برادري لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن.
اهڙي صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارتي حڪومت امن بدران ڇڪتاڻ کي هٿي ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن اهڙيون پاليسيون جاري رهيون ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي سخت خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو، عالمي برادري، خاص طور تي وڏيون طاقتون ڀارت تي دٻاءُ وجهن ته جيئن هو ذميواريءَ سان اڳتي وڌي ۽ خطي ۾ امن کي هٿي ڏئي.

اپريل 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو