ڪئنالن خلاف جدوجهد ”عوامي تحريڪ“ بڻجي وئي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڌرڻا

Spread the love

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندا) سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري آهن، ميرپورماٿيلو جي نمائندي پريم راٺوڙ موجب ميرپور ماٿيلو ۾  ڪئنالن خلاف چوٿين ڏينهن به ٻن ھنڌن تي ڌرڻا جاري رهيا،

قوم پرست پارٽين پاران ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو قومي شاهراهه تي ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف پاران ميرپورماٿيلو باءِ پاس تي مڱريو پيٽرول پمپ سامھون ڌرڻو جاري رھيو، جنھن سبب نيشنل هاءِ وي جا ٻئي پاسا مڪمل طور تي بند رھيا، جڏھن ته ڌرڻي ۾  وڏي انگ ۾ سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،

ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي سيڪريٽري اڪرم ميتلو، شھيد ڀٽو جي اڳواڻ سعيد بوزدار، نعمان سنڌي، جنيد جلباڻي ۽ پي ٽي آءِ جي مجيب الرحمان مرڻانس، وقار لاشاري، مرتضيٰ لغاري، عبدالستار سمون، پرويز بوزدار ۽ ٻين چيو ته ڪئنالن وارو نوٽيفيڪيشن رد ڪريو ته ڌرڻو ختم ڪنداسين، مٺي مان غازي بجير موجب مٺي ۾ ايس ٽي پي پاران مٺي نئون ڪوٽ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو،

جنهن ۾ ايس ٽي پي جي وائس چيئرمين حيدر شاهاڻي، نثار ڪيريو، عامر نوناري، اقبال حاجاڻو، گهنشام مالهي، ڪيو اي ٽي اڳواڻ شاهنواز هنڱورجو،  ايس يو پي اڳواڻ شاهد رند، سجاڳ سٿ اڳواڻ سالم سميجو سميت واپارين سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن ڪوٽڏيجي ۾ بار جي صدر رئيس غلام مصطفيٰ بگٽي، ايڊووڪيٽ نادر علي ھاليپوٽو، مير ضمير ٽالپر، عاشق علي جسڪاڻي ۽ ٻين پاران سول ڪورٽ سامهون پراڻي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو،

جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو، حيدرآباد جي رپورٽر موجب اميرالبحر ويلفئير ايسوسيئيشن جي سڏ تي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي غلام شبيرملاح ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياھ تي نوان ڪينال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ پروگرام سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي سازش آھي،

ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ سچيڏنو ورياھ ۾ واقع نعمت بسال آئل فيلڊ اڳيان تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سانگھڙ جهول روڊ تي درياهه بچايو ڪميٽي ضلعي سانگهڙ جي ڪنوينر سرور ابڙو، باغي مجاهد ٿهيم، حاجي صالح ورياھ، الطاف حسين ملوکاڻي، لياقت چانڊيو ۽ زاهد ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو ويو،

مظاهرين تيل ڪمپني جي داخلي ۽ خارجي رستن کي بند ڪري تيل جي رسد بند ڪري ڇڏي، ڌرڻي سبب ٽينڪرن، ٽرالرن ۽ ٻين گاڏين جي آمدرفت معطل ٿي وئي، ڪمون شهيد وٽ چوٿين ڏينهن به سنڌ پنجاب بارڊر تي لڳل ڌرڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي جا سوين ڪارڪن شريڪ رهيا،

ان موقعي تي ڄام عبدالفتاح سميجو چيو ته هي تحريڪ هاڻي عوامي تحريڪ بڻجي چڪي آهي، سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي وسيلن تان هٿ نه کڻندا، ميرپور ساڪرو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڳوٺ طالب خان ڪلمتي جي اڳواڻ عظيم ڪلمتي، شڪيل ڪلمتي، غفار ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

اپريل 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو