تربت ۾ عورت جو آپگهاتي حملو، پوليس اهلڪار شهيد

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ عورت آپگهاتي حملي آور جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.

ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) ڪيچ بشير بڙيچ موجب ڪمشنر روڊ تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، تربت ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ هڪ عورت هئي.

هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ پوليس جي هڪ عورت سپاهي به زخمي ٿي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي به نقصان پهتو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ جو گهيرو ڪري جاچ شروع ڪئي وئي ۽ تمام جلد جوابدارن کي ڳوليو ويندو.

جُون 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو