”اسان شاهين ۽ غوري ميزائل چوڪ تي سجائڻ لاءِ ناهن ٺاهيا“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد آهي، فالس فليگ آپريشن ذريعي پلهگام واقعي جو ملبو پاڪستان تي وڌو پيو وڃي، ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان شاهين ۽ غوري ميزائل چوڪ تي سجائڻ لاءِ ناهن ٺاهيا.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي چيو ته ڀارت جي هٿن تي هڪ لک کان وڌيڪ مسلمانن جو رٿ آهي، مودي گجرات ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪيو، ڀارت ۾ سکن ۽ ٻين اقليتن کي به ماريو پيو وڃي، ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ به دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جو هٿ آهي، ڀارت کي چوڻ چاهيان ٿو ته پاڻي بند ڪندئو ته توهان جو ساهه بند ڪري ڇڏينداسين، پاڻي بند ڪرڻ جنگ جي علامت سمجهيو ويندو، اسان غوري، غزنوي ۽ شاهين ميزائل چوڪ تي سجائڻ لاءِ ناهن ٺاهيا.