پاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين جي زندگي آهي، ڪنهن ميري اک سان ڏٺو ته ماضي جهڙو جواب ڏينداسين: نائب وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو يڪطرفي طور ختم نٿو ڪري سگهي، پاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين جي زندگيءَ جي رڳ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان ڏانهن ميري نظر سان ڏٺو ته اڳ وانگر سخت جواب ڏنو ويندو.

هن سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ پاڪستان انتظار ۾ هو ته ڀارت ڪهڙو قدم کڻندو، پر ڀارت سڌو نالو نه ورتو ۽ ڪو به ثبوت ناهي ته پاڪستان جو ان واقعي سان ڪو تعلق آهي.

اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي رڳو اتفاق راءِ سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو، ان کي يڪطرفي طور معطل ڪرڻ ممڪن ناهي. قومي سلامتي ڪميٽي واضح ڪري چڪي آهي ته پاڻي بند ڪرڻ جنگ برابر عمل هوندو. هن خطي ۾ ترقي نه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب ڀارت آهي، جيڪو سارڪ جي اڳڀرائي ۾ به رڪاوٽ بڻيل آهي.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته سارڪ ويزا تي موجود ڀارتي شهري 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏين، پاڪستان سياسي طور تي فيصلا ڪري چڪو آهي ۽ سڀ سياسي ڌڙا هڪ صفحي تي آهن.

سفارتي محاذ تي به سرگرميون جاري آهن، 26 ملڪن کي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي آهي، ٻين کي اڄ آگاھ ڪيو ويندو، ۽ سعودي پرڏيهي وزير سان به شام 7 وڳي ڳالهه ٻولهه طئي ٿيل آهي.

اسحاق ڊار جو آخر ۾ چوڻ هو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون مڪمل تياريءَ ۾ آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان کي ميري اک سان ڏٺو ته ماضيءَ وانگر سخت جواب ڏنو ويندو.

اپريل 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو