ڪئنالن خلاف سنڌ جي اڄوڪي جدوجهد ۽ اديون عبد لطيف چئي …
سپت لطف
مٿين عنوانن وارري سٽ شاھ صاحب جي شاعري جو تڪيه ڪلام آھي. هو پنهنجي ڳالهه کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ چوندو آھي اديون عبداللطيف چئي هن وقت جڏهن مان سنڌ ۾ هلندڙ درياهه تحريڪ جو جوش ۽ ولولو ڏسان ٿي ته سوچيان ٿي لطيف هجي هان ته اديون عبداللطيف چئي ڇا چوي هان؟ ۽ جواب ۾ مونکي شاهه صاحب جون ڪيتريون ئي سٽون ۽ بيت ملن ٿا۔ شاهه صاحب جيڪڏهن هن وقت هجي هان ته درياهه تحريڪ جي ڪارڪنن جو جوش ڏسي اهو ئي چوي هان جيڪو سال اڳ چيو. لطيف جا ڪردار اهڙا ئي ته آھن جهڙا اسان جا هي ڪارڪن آھن۔ اسان جي سنڌ پنهنجو تمدن ۽ ثقافت ناهي وساريو اسان جا ماڻهو اڄ به شاھ صاحب جي بيتن تي پورو لهي اهو ثابت ڪن ٿا ته اسان پنهنجي ثقافت ۽ تمدن برقرار رکيون پيا اچون۔
ڇا سر ڪيڏارو فقط ڪربلا جي پس منظر ۾ لکيل آھي؟ يا سر ڪيڏاري جا ڪردار صرف ان وقت دودي ۽ ڀاڳل جي روپ ۾ لطيف جي آس پاس هئا؟ نه! اسان جي سنڌي قوم اڄ به ان ئي همٿ ۽ غيرت سان رياست آڏو بيٺل آھي۔ ڇا ٻٻرلوءِ احتجاج ۾ موجود هڪ هڪ ڪارڪن جو جذبو ڏسي ائين نٿو محسوس ٿئي ته هي بيت ته لطيف لکيو ئي انهن لاءِ آھي:
ڪامل ڪربلا ۾ آيا جنگ جوان
ڌرتي ڌٻي لرزئي ٿرٿليا آسمان
ڪره هئي ڪان هو نظارو نينهن جو۔
ڇا ٻٻرلوءِ جي ميدان ۾ جڏهن سنڌ جا سپوت پهتا تڏهن پنجاب جي ڌرتي نه ڌٻي ۽ آسمان نه ٿرٿليو ؟ وري لطيف اسان جي جو مونجهارو به دور ڪري ٿو هو ٻڌائي ٿو ته هي ڪا جنگ نه پر اسان جي ماڻهن جو پنهنجي ڌرتي سان عشق جو اظهار ۽ نظارو آھي۔
هن تحريڪ ۾ فقط قومپرست نه پر هر اهو باضمير فرد شامل آھي جيڪو سچ جو پروانو آھي ۽ ان لاءِ هو سموريون آسائشون ڇڏي احتجاج ۾ روڊ تي راتيون گذاري رهيو آھي ۽ اهڙن فردن لاءِ ئي لطيف چيو هو ته
پتنگ په ڪيو مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لچيا سڙيا مٿي سچ
سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃائيا۔
شروع ۾ اعلان فقط ٻٻرلوءِ احتجاج جو هو پر ان کان پوءِ سموري سنڌ پنهنجي جياپي سنڌو درياهه تي ڇهه ڪينال اڏڻ جي خلاف سراپا احتجاج آھي ۽ رياست انهن کي ماٺ ڪرائڻ جون سٽون سٽي رهي آھي ۽ سنڌ جا بهاد پٽ اڄ به انهن کي ائين ئي للڪاري رهيا آھن جيئن شاھ صاحب لکيو هو ته
اڳيان اڏن وٽ پوين سر سنباهيا
ڪاٽ ته ڪوين قبول ۾ مڇڻ ڀانئين گهٽ
مٿا مهاين جا پيو نه ڏسين پٽ
ڪلالڪي هٽ ڪسڻ جو ڪوپ وهي
وري جيڪڏهن سر ڪيڏاري جو عورت ڪردار ڏسجي ته ڇا صرف اهي ڪردار تڏهن هئا؟ نه ! هن ڌرتي جي هر فرد هر دور ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي توهان ڏٺو ته جڏهن هڪ وڪيل دوست احتجاج لاءِ روانو ٿئي ٿو ته سندس مآءِ کيس امام ضامن ٻڌي پيشاني چمي چوي ٿي وڃ ابا پنهنجو حق ادا ڪري اچ ڇا هي بيت لطيف اهڙن ڪردارن لاءِ ناهي لکيو ته
مر مرين آءِ رئان موٽي آءِ م ڪانڌ
ڪچن وڏا پانڌ جيئڻ ٿورا ڏينهڙا۔
سنڌ جي سخاوت ۽ مهمانوازي اصل کان ئي هنڌي ماڳين مشھور آھي پر فخر جي ڳالهه اها آھي ته 19 20 صدي ۾ به سنڌ جي ماڻھن پنهنجي ثقافت کي ناهي وساريو جنهن جو مثال ڇهن ڏينهن کان هلندڙ ٻٻرلو احتجاج جو انتظام آھي جنهن لاءِ آمر نواز وڙائچ چوي ٿو ته مان حيران آھيان ته ڪو ماڻهو اڃا ماني يا پاڻي جو سوچي ٿو ته ان کي اهو ملي ٿو وڃي ڄڻ ڪو فرشتا رزق پهچائيدا هجن
سو اها آھي منهنجي لطيف جي سنڌ جنهن اڄ به پنهنجي ثقافت ۽ تمدن ناهي وساريو ۽ اهڙي ئي سخي سنڌ لاءِ لطيف چيو هو ته
ڪوه نه جهارئين جکرو جنهن ڏيهه ڍيا ڏيئي
جي لڏيا ٿي لنگهين ۾ شالن ۾ سيئي
سمي سڀئي طاماعو طار ڪيا۔
اسان وٽ اڄ به اهي بهادر ۽ سخي ڪردار موجود آھن جن کي لطيف ڳايو ۽ ساراهيو هو ۽ هڪ اهڙي قوم کي پنهنجي عزم تان هٽائڻ ڪو سولو ڪم ناهي ۽ هن وقت اسان سنڌي قوم جي ذميواري بڻجي ٿي ته اسان مڪمل طور تي پنهنجي عزم ۽ جدوجهد سان سچا ٿي بيهون جيئن اسان کي ڪا به طاقت ڪمزور نه ڪري سگهي ۽ اسان پنهنجي وطن ۽ وطن جي وسيلن کي بچائي سگهون ان ڏس ۾ به لطيف اسان جو سونهون آھي ۽ چوي ٿو
ڀيڙي ڀيڙي ٻڌ سورائتي سندرو
ڪيچ اڳاهون پنڌ متان لڪن ۾ لڳي مرين۔
اپريل 25, 2025