هزارين افغان شهري پاڪستاني دستاويز استعمال ڪري سعودي عرب وڃڻ جو انڪشاف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 12 هزار افغان شهرين طرفان پاڪستاني دستاويز استعمال ڪري سعودي عرب وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي ٻڌايو ته 12 هزار افغان شهري پاڪستاني دستاويز استعمال ڪري سعودي عرب ويا ۽ اتي وڃي پاڪستاني پاسپورٽ ڊمپ ڪيا.
هن چيو ته سمورا فيڪ پاسپورٽ رد ڪيا ويا، فيڪ پاسپورٽ وارن کي سعودي عرب افغانستان ڊي پورٽ ڪيو، جڏهن ته گجرات، گوجرانولا ۽ خيبر پختونخواهه مان وڏي انگ ۾ فيڪ پاسپورٽ جاري ٿيا هئا.

اپريل 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو