نوابشاهه: بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلس ۾ والدين لاءِ تعارفي گڏجاڻي، پرنسپل جو خطاب
نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلس شھيد بينظيرآباد جيڪو نياڻين جو ايشيا ۾ پھريون ڪاليج آھي جنھن ۾ نائين بيج لاءِ 2024 ۾ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي هئي انھن والدين لاءِ اربع ڏينهن تعارفي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي
انھي موقعي تي پرنسپل ڊاڪٽر فريده شيخ والدين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان تعليم جي بهتري ۽ ڪيڊٽس جي روشن مستقبل لاءِ ھميشہ جاکوڙيو آهي اسان جون ھيء ڪيڊٽس پنهنجي محنت ۽ پنهنجي صلاحيتن جي آڌارَ تي اعلی عھدن تي فائز ٿي ملڪ ۽ قوم جون بھتر خدمتگار بڻجي سگهن ٿيون
ان موقعي تي والدين ڪاليج جي حوالي سان ڪيترائي سوال ڪيا جنھن بعد والدين کي ھاسٽلن جو دورو ڪرايو ويو ھاسٽل وارڊن پنهنجي پنهنجي ھاسٽلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ ڪيڊٽس جي ھر سھولت کي پڻ آگاه ڪيو مانجھاندو ڪرڻ بعد ڪاليج جو جمنيسٽڪ ۽ مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ويو
انھي موقعي تي والدين سان گڏ ڪيڊٽ ڪاليج جي وائيس پرنسپل،ڪوآرڊينيٽر ۽ چيف وارڊن پڻ موجود ھيون.
اپريل 23, 2025