ابرار احمد جو آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪنڌ لوڏي جشن ملهائڻ جو انداز ڇڏڻ جو اعلان

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر ابرار احمد وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ جشن ملهائڻ جو انداز ڇڏڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
پي ايس ايل 10 ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪندڙ ابرار احمد تنقيد سبب وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ ڪنڌ لوڏڻ جو انداز ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ابرار احمد چيو ته جتي اهو جشن مقبول ٿيو، اتي ئي تڪرار به پيدا ٿيو، مان چيمپيئنز ٽرافي ۾ شبمن گل کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ ان ئي انداز ۾ جشن ملهائيندي کيس وڃڻ جو اشارو ڪيو هو، جنهن تي سخت ردعمل آيو.
سندس چوڻ هو ته توڙي جو مان گذريل پي ايس ايل ۾ اهو جشن ملهائڻ جو انداز شروع ڪيو هو، پوءِ ڏکڻ آفريقا ۾ به ان کي برقرار رکيو پر چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت خلاف ميچ بعد تنقيد ڪئي وئي.
ابرار احمد چيو ته مان اسپورٽس مين شپ کي اهميت ڏيان ٿو ۽ ڪنهن جي دل آزاري نٿو چاهيان، تنهن ڪري اهو جشن ڇڏي اڳتي وڌڻ جو فيصلو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان ٽنهي فارميٽن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري فٽنيس کي وڌيڪ بهتر بڻائيندس.

اپريل 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو