ڪينالن خلاف جھدوجھد ۽ پيپلزپارٽي
ماجد مقصود
سنڌ جا ماڻھو گذريل ڇھن مھينن کان غير قانوني ۽ غير اخلاقي سنڌو دريا تي ڪينالن خلاف سراپا احتجاج آھن. ھي احتجاج سنڌ جو ھر طبقي جو ماڻھو ڪري رھيو آھي، انھن ۾ 80 سيڪڙو تہ اھڙا ماڻھو آھن، جن وٽ ھڪ ايڪڙ بہ زرعي زمين ناھي، مگر اُھي غيرت سان سرشار آھن ۽ انھن جو واضح موقف آھي تہ سنڌو دريا تي ڌاڙو منظور ناھي. مگر پنجاب جا سياستدان ۽ جيڪي ھن دريا تي ڌاڙو ھڻڻ چاھين ٿا، اُھي چون پيا تہ سنڌ ۾ رڳو ڪجھ قومپرست ڪينالن جي خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن، ۽ باقي ماڻھن کي ڪو اعتراض ناھي. بھرحال ملڪ جي ميڊيا کي پنجاب ئي مينيج ڪري ٿو، انڪري ھو پنھنجو بي بنياد بيانيو ٺاھي رھيا آھن، جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق ناھي. سنڌ ۾ ڪينالن جي خلاف احتجاجن جي شروعات ننڍين ننڍين ريلين سان ٿي، مگر ھن وقت سنڌ ۾ ڪينالن خلاف احتجاج ھڪ وڏي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو آھي ۽ ھاڻي سنڌ جي ماڻھن پنجاب جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن ۽ انجي باوجود پنجاب جا سياستدان ۽ نام نھاد قومي ميڊيا ھن احتجاج کي ڪنھن خاص طبقي جو نالو ڏيئي ان جي اثر کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.
ڪينالن جي خلاف احتجاجن ۾ پيپلزپارٽي جو سڀ کان وڌيڪ سياسي نقصان ٿيو آھي، ڇو تہ انھن جو موقف ڪافي دير کان پوءِ ٿورو واضح ٿيو آھي، مگر اڃان تائين ھو مسلم ليگ نون جي حڪومت جو سھارو ٿيا بيٺا آھن. مسلم ليگ نون مسلسل پي پي تي الزام پئي ھڻي تہ ڪينالن جي منظوري صدر مملڪت ڏني آھي ۽ انھن کي ڪينالن تي ڪو بہ عتراض ناھي، جڏھن تہ پاڪستان جي آئين ۾ صدر مملڪت وٽ اھڙا ڪي اختيار ئي ناھن جو ھو ڪنھن پروجيڪٽ جي منظوري ڏي. مگر ايوان صدر واري گرين پاڪستان انيشيٽو واري ميٽنگ جنھن ۾ صدر آصف علي زرداري ڪو اعتراض نہ ورايو ان ڪري اڄ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ پڻ شديد مخالفت کي منھن ڏيئي رھي آھي. صدر زرادري جي سنڌ ۾ سياسي ساک کي وڏو نقصان پيو آھي، سنڌ ۾ ننڍا ٻار ۽ توڻي عام ماڻھو صدر زرداري تي الزام پيا ھڻن تہ ڪينالن جي منظوري صدر زرداري ڏني آھي. پاڪستان پيپلزپارٽي بہ صدر مملڪت آصف زرداري جو دفاع ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام نظر اچي ٿي.
چولستان ۽ سرائيڪي وسيب جي ماڻھن پڻ ڪينالن خلاف احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آھن ۽ سينٽرل پنجاب جون بہ ڪجھ تنظيمون ڪينالن جي مخالفت ڪري رھيون آھن. جڏھن تہ پاڻي جا ماھر تہ چولستان ڪينال کي ٽيڪنيڪلي ناقابل عمل ۽ ماحول دشمن قرار ڏيئي ڇڏيو آھي ۽ انھن پاڻي جي ماھرن مان ھڪ ماھر پنجاب مان حسن عباس پڻ آھي، جيڪو چوي ٿو وارياسي علائقي ۾ ڪينال ٺھي ئي نٿا سگھن ۽ انڊيا اھو تجربو ڪري پنھنجا ٽي دريا تباھ ڪري ڇڏيا آھن ۽ انھن جي تجربي مان سکڻ گھرجي ۽ ٻي جيڪا اھم ڳالھ آھي تہ ملڪ ۾ پاڻي جي 50 سيڪڙو کان مٿي کوٽ آھي، سو پاڻي ڪٿان ايندو جو ڪينال نڪرندا، جڏھن تہ ڪجھ پنجاب جا نمائندا چون ٿا پنجاب پنھنجي حصي جو پاڻي کڻندو، مگر اھو نٿا ٻڌائين ڪھڙي ڪينال يا علائقي جو پاڻي کڻندا. اھو پروجيڪٽ جي ڊاڪيومينٽ ۾ لکيل ئي ناھي. انڪري سنڌ کي خدشا آھن ھي پاڻي لنڪ ڪينالن مان کڻندا جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽجي ويندو. پنجاب جا ڪجھ نمائندا اھو پڻ چون پيا تہ ھو پروجيڪٽ برساتي پاڻي مان ھلندو جڏھن تہ ايتريون سراسري برساتون ملڪ ۾ پون ئي نٿيون ۽ ھن سال تہ ڪجھ مھينن ۾ 70 سيڪڙو برساتون گھٽ پيون آھن. اڃان تائين سنڌ ۾ ڪا خاص برسات نہ ٿي سگھي آھي. اگر برساتون نہ پيون تہ ڪارپوريٽ فارم کي پاڻي ڪٿان ڏيندا، جنھن سيٺ کي زمينون ڏيندا اھو ڪيئن برداشت ڪندو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ تہ مسلسل پاڻي گھرجي جيڪو ممڪن ئي نظر نٿو اچي. پاڻي ماهر حسن عباس چيو آھي ڪينالن وارو پروجيڪٽ تمام مھنگو آھي اوھان ستلج جي پيٽ مان پاڻي کڻو جيڪو ذري گھٽ 200 ملين ايڪڙ فوٽ موجود آھي، جنھن جي لاڳت پڻ گھٽ ايندي ۽ پاڻي بہ بھتر آھي، جڏھن تہ ستلج ۾ پاڻي جيڪو انڊيا وارا موڪلين ٿا ان ۾ ايترا ڪيميڪل ھوندا آھن جيڪي ڪارپوريٽ فارمنگ کي تباھ ڪري سگھن ٿا. مگر انجي باوجود بہ پنجاب حڪومت بضد آھي تہ ڪينالن واريو منصوبو ڪنھن بہ صورت ۾ پورو ڪنداسين.
پنجاب جا اڪثريت ۾ ماڻھو اھو سمجھن ٿا مسلم ليگ نون فارم 47 واري حڪومت آھي، ۽ مسلم ليگ وارن کي اھو ڊپ آھي ڪڏھن بہ پي ٽي آئي جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملات طئي ٿيا تہ پيپلزپارٽي پي ٽي آئي جي حمايت ڪري سگھي ٿي ۽ ھنن جي حڪومت وڃي سگھي ٿي، تنھنڪري ھو پيپلزپارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جا تعلقات پڻ خراب ڪرڻ چاھي ٿي ۽ انھن کي پڻ خبر آھي اگر پيپلزپارٽي ڪينالن جي پروجيڪٽ تي اعتراض ڪري ٻاھر نڪري ٿي تہ اسٽيبلشمينٽ پڻ پي پي کان ناراض ٿيندي، جنھن جو پڻ مسلم ليگ کي وڏو سياسي فائدو ٿيندو.
پيپلزپارٽي تي ھن وقت ٽن طرفن کان حملا ٿين پيا، ھڪڙي طرف نواز ليگ انھن تي پنجاب ۽ قومي اسيمبلي ۾ سخت تنقيد ڪري رھي آھي، ٻئي طرف سنڌ جا ماڻھو جن پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنا آھن اھي پيپلزپارٽي کان سخت ناراض آھن ۽ جن جو فائدو پيپلزپارٽي جي مخالفن کي ٿئي پيو. پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ کي بہ ناراض نٿي ڪرڻ گھري مگر ھن وقت پارٽي اگر سنڌ جي ماڻھن سان گڏ نٿي بيھي ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيئي ٿي تہ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ بہ ماضي جو قصو ٿي ويندي ڇو تہ ھن وقت سنڌ جي سياست سنڌ جا نوجوان ڪري رھيا آھن جيڪي پڻ پيپلزپارٽي کان سخت ناراض آھن تنھنڪري پيپلزپارٽي اھڙو فيصلو ڪري نٿي سگھي جو ھو سنڌ ۾ بہ غير اھم ٿي وڃي.
ھن وقت ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻي ۾ پوري سنڌ جي عوام لٿل آھي ۽ جتي انھن جي خدمت سنڌ جو عام ماڻھو ڪري رھيو آھي جنھن کي ڪنھن بہ حڪومتي پارٽي جي سپورٽ ناھي. ھن وقت تائين ڌرڻي خلاف حڪومت جو خاص ري ايڪشن نہ آيو آھي ۽ وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ جو بيان اچي ويو آھي ته ڌرڻو ھڻڻ عوام جو جمھوري حق آھي ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻھن خلاف سنڌ حڪومت ايف آئي آر نہ ڪٽيندي. اڃان تائين فيڊرل حڪومت خاموش ٿي نظر اچي، خبرون آھن ته وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو جي ملاقات رکيل آھي جنھن ۾ ڪو فيصلو ڪيو ويندو مگر ھن وقت ميڊيا تي خبرون ھلي رھيون آھن تہ پنجاب ۾ پيٽرول جي کوٽ پئدا ٿي وئي آھي ۽ اگر ٻہ ڏينھن وڌيڪ پنجاب جا رستا بند رھيا تہ صورتحال خراب بہ ٿي سگھي ٿي.
ھن وقت ڌرڻي ۾ شامل ماڻھو بلڪل پرامن آھن مگر اگر ھنن پرامن ماڻھن تي ڪو اسٽيٽ جو ايڪشن ٿئي ٿو جيئن پنجاب جا ڪجھ وزير ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن تہ ان جا نتيجا انتھائي خراب نڪري سگھن ٿا، پوري سنڌ ۾ اسٽيٽ جي خلاف نفرت پئدا ٿي سگھي ٿي ان ڪري ھي وقت آھي فيڊرل حڪومت وٽ ھو ھن مسئلي کي سياسي طرح حل ڪري ۽ ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمن جي نالي تي جيڪي سنڌ جون زمينون ڏنيون ويون آھن ان کي واپس ڪري، جيئن سنڌ ۾ امن
ٿي سگھي،
اگر فيڊرل ۽ پنجاب حڪومت ضد تي رھيا تہ حالتون پيپلزپارٽي جي بہ وس کان ٻاھر نڪري وينديون.
اپريل 23, 2025