عمران خان جي گرفتاري کي ڏيڍ سال گذري چڪو، جسماني رمانڊ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ باني جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي اپيلون اڪلائي ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي جسماني رمانڊ لاءِ پنجاب حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي سرڪاري وڪيل ذوالفقار نقوي عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار جون فوٽو گراميٽڪ، پولي گرافڪ ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽون ڪرائڻيون آهن.
جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته درخواست جسماني رمانڊ جي هئي، ٽيسٽن جي اجازت لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي.
عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن کي حق حاصل آهي ته اهڙي ڪنهن به درخواست تي مخالفت ڪن، جوابدار کي گرفتار ٿئي ڏيڍ سال گذري چڪو آهي، هاڻ جسماني رمانڊ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
اسپيشل پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته جوابدار سهڪار نه ڪيو، جنهن تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته جيل ۾ قيد شخص کان وڌيڪ ڪهڙو سهڪار گهربل آهي؟ منهنجو هڪ فيصلو آهي ته هڪ هزار کان وڌيڪ ضمني چالان به پيش ٿي سگهن ٿا.
جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته پنج ڏينهن اڳ هڪ فوجداري ڪيس ٻڌو، جنهن ۾ جوابدار ستن سالن تائين ڊيٿ سيل ۾ رهيو، پوءِ باعزت بري ٿيو، ٽن مهينن جو وقت ڏيو فوجداري ڪيس ختم ڪري ڇڏينداسين.
جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته عام قتل جي ڪيسن ۾ ته اهڙيون ٽيسٽون ناهن ٿينديون، حڪومت مان اميد آهي ته عام ماڻهن جي ڪيسن ۾ به اهڙي ئي ڪارڪردگي ڏيکاري ويندي.
عدالت اپيلون اڪلائيندي چيو ته پنجاب حڪومت جيڪڏهن چاهي ته ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿي.