ڪينال منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو، سنڌ اسان کي ڊڪٽيشن نٿو ڏئي سگهي: عظميٰ بخاري

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪينال منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو ۽ ان تي سنڌ اسان کي ڊڪٽيشن نٿو ڏئي سگهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته پ پ کي سنڌ جي هارين جي ڳڻتي ڇو ناهي؟ پ پ سنڌ ۾ 17 سالن کان اقتدار ۾ آهي، پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي، جيڪڏهن پ پ غلط بياني کان ڪم وٺندي ته جواب ڏيڻو پوندو.
هن چيو ته اڃا تائين ڪو ڪينال ٺهڻ شروع ناهي ٿيو پر ائين نٿي چوان ته اتفاق راءِ نه ٿيو ته ڪينال نه ٺهندا، ڳالهيون ڌمڪين ذريعي ناهن ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته ان منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو، سنڌ اسان کي ڊڪٽيشن ته نٿو ڏئي سگهي ته اسان ٻوڏ جو پاڻي ڪاڏي ڪنداسين.

اپريل 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو