لاهور جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جا ماڻهو سٺا ۽ کليل دل وارا آهن: ڪومل مير

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز جي دنيا ۾ مداحن طرفان پنهنجي پسنديده ستارن سان گڏ سيلفي ڪڍڻ خواب هوندو آهي پر ڪومل مير ان معاملي تي بدقسمت رهي آهي.
ناليواري اداڪارا ڪومل مير هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڄ تائين ڪنهن مداح مون سان سيلفي ناهي ڪڍي، مان جتي ويندي آهيان اڪيلي ئي ويٺي هوندي آهيان.
هن چيو ته منهنجو واسطو راولپنڊي سان آهي، ٽي ننڍا ڀائر آهن، گهر جو ماحول گهڻو سخت نه هو پر گهر ۾ والدين رولز ٺاهيا هئا.
سندس چوڻ هو ته مون کي ننڍپڻ کان ئي ماڊلنگ جو شوق هو، ڊرامن ۾ شروعات ۾ ئي مک ڪردار ملي ويا، لاهور جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جا ماڻهو سٺا آهن، ڪراچي جا ماڻهو کليل دل جا آهن.

اپريل 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو