ملير: پپري ۾ پورهيت جي گهر تي بااثرن جي هلان خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو
ملير( ڊ ر)پپري ۾ پورهيت جي گهر تي بااثرن جي هلان ، قبضي۽ گهر مان زوري بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش، گهر ڀاتي عوامي پريس ڪلب ملير پهچي ويا احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، اسان سان انصاف ڪريون ،گهر تي حملي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ،آئي جي سنڌ.ايس ايس پي ملير ،ڊي جي رينجرز کي بااثرن جي خلاف ڪاروائي جو مطالبو عبدالغني ابڙو ،سندس گهر واري جو صحافين سان ڳالهايون تفصيل موجب پپري جو رهواسي پورهيت خاندان عبدالغني ابڙوپنهنجي گهرواري ٻارڙن ۽ پاڙي وارن کي وٺي عوامي پريس ڪلب ملير پهچي قبضا گيرن ۽ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي
ان هن الزام هنيو ته اصغر عباسي ،رحيم ابڙو پنهنجي ساٿين سميت پپري ۾ منهنجي گهر تي هلان ڪري اسان کي مار ڪٽ ڪئي ۽ زوري گهر تي قبضي ڪرڻ جي نيت سان اسان کي گهيلي گهر مان زوري بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
سخت احتجاج کان پوءِ هو فرار ٿي ويا انهن ٻڌايو ته اسان پنهنجي جان بچائي عوامي پريس ڪلب ملير پهتا آهيون صحافي ۽ سماج سڌارڪ سنڌ حڪومت آئي جي سنڌ . ايس ايس پي ملير ،ڊپٽي ڪمّشنر ملير تائين اسان جو آواز پهچائي اسان جي مدد ڪن عبدالغني ابڙي جو چوڻ هو ته ڪيترن سالن کان پنهنجي ٻچن سان گهر ۾ آباد آهيان
جنهن جا ڪاغذ پٽ به موجود آهن پر پپري بدنام زمانه عادي قبضا گير ٽو لي جا اڳواڻ اصغر عباسي ۽ رحيم ابڙو گهر زوري خالي ڪرائي زوري قبضو ڪرائڻ چاهين ٿا گذريل ڄاڻايل قبضاگيرن منهنجي گهر تي 40 هٿياربند وٺي هلان ڪئي مون 15 تي پوليس کي اطلاع ڪيو
پر پوليس پهچي اٽلو مون کي پڪڙي ٿاڻي ٿي ويهاري ڇڏيو ۽ ڌمڪائي ڪاغذن تي صحيح وٺي ڇڏي ڏنو غريب پورهيت آهيان ظالمن کان منهنجي جان ڇڏائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
جُون 23, 2023