ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان، ٻيهر پاڪستان لاءِ کيڏڻ چاهيان ٿو: حسن علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته مان پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان ۽ ٻيهر پاڪستان لاءِ کيڏڻ چاهيان ٿو.
نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي حسن علي چيو ته مان پنهنجي بالنگ تي ڪم ڪيو آهي، پي ايس ايل پاڪستان کي گهڻو ٽيلينٽ آندو آهي، ان ليگ ۾ دنيا جي ٽاپ رانديگرن سان کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.
هن چيو ته جڏهن توهان ٽيم کان ٻاهر هجو ته سڀ کان اهم رستو ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪرڻ هوندو آهي، اڳ ۾ جڏهن ٽيم کان ٻاهر ٿيو هيس ته ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪري واپسي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته منهنجو ڪم ڪارڪردگي ڏيکارڻ آهي ۽ خواهش آهي ته ٻيهر پاڪستان لاءِ کيڏان، تسلسل سان پرفارم ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇو ته ڪارڪردگي هوندي ته ٽيم ۾ ايندس.